ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪارساز وٽ پيش آيل حادثي ۾ فوت ٿي ويل پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدار نتاشا کي الله جي نالي تي معاف ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ عدالت ۾ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ تي عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ڌرين ۾ معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ عمران عارف ۽ آمنا عارف جي وارثن حلف ناما تيار ڪرايا، فوتي جي زال، پٽ اساما عارف ۽ ڌيءَ طرفان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت جوابدار عورت جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. ڪارساز حادثي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي وڪيل دليل مڪمل ڪيا. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار عورت ذهني مريض آهي، آگسٽ 2005 کان سندس علاج هلي رهيو آهي، جوابدار وٽ برطانيا جو ڊرائيونگ لائسنس آهي جيڪو پاڪستان ۾ 6 مهينن تائين ڪارائتو آهي، فوتين جي وارثن الله جي نالي تي جوابدار کي معارف ڪري ڇڏيو آهي. فريادي جي وڪيل ٻڌڻي دوران نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. جنهن کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو ۽ بعد ۾ فيصلو ٻڌائيندي ضمانت منظور ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نتاشا جي ڪٽنب آمنا جي ڪٽنب کي 5 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي، اها رقم پي آرڊر ذريعي ادا ڪئي وئي. آمنا جي ڪنهن مائٽ کي ڪمپني ۾ ملازمت به ڏني ويندي. جوابدار ڌر واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن سان به ٺاهه ڪيو ۽ زخمين کي ڌار ڌار معاوضو ڏنو ويو.
-
ڪارساز حادثي جو ٺاهه ۽ جوابدار نتاشا جي ضمانت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج
ڪراچي (رپورٽر) ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار نتاشا دانش ۽ ٻن فوتين جي وارثن وچ ۾ معاهدو ۽ جوابدار جي ضمانت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو درخواست جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا، درخواست ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو کاتي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيس ۾ قتل خطا بدران قتل عمد جا قلم شامل ڪيا وڃن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو درخواست جي ٻڌڻي تي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.