عوامي آواز مٺي جي رپورٽر ٿرپاڪر ضلعي جي ستن تعلقن مٺي، ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏاهلي، ڏيپلو ۽ ڪلوئي جي ٻهراڙين ۾ سوين ماسترن ۽ ماسترياڻين جي ڊيوٽين تان گسائيندڙ ۽ گوسڙو استادن جو انڪشاف ڪيو آهي. عوامي آواز ۾ شايع ٿيل ان رپورٽ موجب وڏي انگ ۾ پرائمري ماسترن ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ڊيوٽين بدران پنهنجا ذاتي ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ٺڪيداريون ڪري رهيا آهن. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪافي استاد سياسي آشرواد عيوض ڊيوٽين بدران گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. انهن سان گڏ نياڻين جي اسڪولن ۾ مقرر شهرن سان تعلق رکندڙ ماسترياڻين ڪڏهن به اسڪول جو منهن ناهي ڏٺو .
هيءَ رپورٽ جيتوڻيڪ ٿرپاڪر ضلعي جي ستن تعلقن جي گوسڙو استادن جي نشاندهي ڪري رهي آهي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته اها صورتحال سڄي سنڌ جي آهي. خاص ڪري سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ نوي جي ڏهاڪي کان اهو آزار آهي. اها به حيرت ٿي رهي آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن پڪن رستن ۽ ٽرانسپورٽ جي اڻهوند جو مسئلو هوندو هو تڏهن به اسڪولن ۾ مقرر ڪيل استاد لازمي طور ڊيوٽيون ڏيندا هيا. عام طور تي تنهن زماني ۾ جيڪي استاد ڏورانهن علائقن جا هوندا هيا سي ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ انهن شهرن يا ڳوٺن ۾ ئي دوستن يا اوطاقن تي رهي پوندا هيا. اهو بهانو نه ڪندا هيا ته سندن گهر هڪ شهر ۾ ۽ ڊيوٽي ڪنهن ٻئي شهر ۾ آهي پر جيئن جيئن جديد دور ايندو رهيو تيئن تيئن سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ٿيندي رهي ۽ استادن گسائڻ جي روايت وجهڻ شروع ڪئي. شاگردن جي گسائڻ جي عادت جو ته ٻڌندا آهيون پر نوي جي ڏهاڪي کان پوءِ گوسڙو استادن جو به ذڪر ٻڌڻ ۾ آيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ اسان هڪ ايڊويٽوريل لکيو هو ته جيڪر تعليم جي بهترين وزير لاءِ اشتهار ميڊيا ۾ هلائجي ته سنڌ کي اهڙي تعليم جي وزير جي گهرج آهي جيڪو تعليم کي ماضي وارو اوج ڏياري سگهي. جيڪڏهن تعليم جو واقعي به هڪ آدرشي ۽ متحرڪ وزير هجي ته يقينن اهو ئي تعليم جي بهتري واري موجوده چئلينج کي منهن ڏئي سگهي ٿو. اڄ جي تعليم جي تباهي واري سلسلي کي ختم ڪرڻ عام روايتي وزير جي وس کان ٻاهر جي شئي آهي. اهڙي چئلينج کي ڪو آدرشي تعليم جو وزير ئي قبول ڪري سگهي ٿو ۽ سنڌ جي تعليم جو اوج بحال ڪري سگهي ٿو.
اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان ڏٺو آهي ته ڪنهن به اشو يا مسئلي تي حڪومت يا ان مسئلي سان لاڳاپيل وزات ڪو نوٽيس ناهي وٺندي پر عدالت وٺندي آهي. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته ڪنهن به اشو بابت واسطيدار وزارت يا ڌر نوٽيس وٺي. مثال طور تي ٿرپارڪر ضلعي جي ستن تعلقن جي گوسڙو استادن جي رپورٽ آهي ته ان جو اصولي طور تي تعليم جي وزير کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.اهڙو نوٽيس وٺڻ جو سوال اسان تعليم جي موجوده وزير کان پڇون ٿا جنهن اهو تعليمي نعرو لڳايو آهي ته ”پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ“ ته پوءِ اسان جو کائنس اهو سوال آهي ته ڇا گوسڙو استادن جي ان ڪارڪردگي سان ”سنڌ پڙهندي ۽ تعليم وڌندي!“ اسان هن ايڊيٽوريل ۾ حڪومت ۽ تعليم جي موجوده وزير سردار شاهه کي تجويز ڏينداسين ته اهو تعليم سان سلهاڙيل ۽ نشانبر ٿيل مسئلن اشوز جو پاڻ نوٽيس وٺي ۽ ان ڏس ۾گُهربل ڪارروائي ڪري ته جيئن واقعي به سنڌ پڙهي ۽ وڌي. ان نعري جي جيڏي اڄ ضرورت آهي ايڏي ماضي ۾ به نه هئي. اسان ان تعليمي نعري جي عملي شڪل ڏسڻ چاهيون ٿا. ۽ سمجهون ٿا ته ان نعري جي تقاضا اها آهي ته گوسڙو استادن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين هر قيمت تي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.
ٿيڻ ته ائين به گهرجي ته حڪومت ۽ وزير ميڊيا پاران نشاندهي ڪيل مسئلن تي خوش ٿين ته ميڊيا پنهنجي طور تي سندن آڏو سندن ئي لاڳاپيل وزارت جا مامرا آڻي ٿي پر هتي الٽو ان نشاندهي تي ارهائي ڏيکاري ويندي آهي. جڏهن ته ڏسجي ته تعليم جي وزارت جو اهو ئي ته ڪم آهي ته اها سنڌ اندر تعليم جي نظام کي بهتر کان بهتر ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ڪري. ان ڊيوٽي جي ادائيگي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي هر وقت گنجائش هوندي آهي. پر افسوس ته ڪنهن به وزارت جي وزير ۾ هاڻي اهو آدرشي جذبو ناهي رهيو ته جيڪر اهو تاريخ جي مليل ان موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي تاريخ ٺاهي، ذاتي طور ڪنهن وزير کي اهڙو شوق ڀلي نه هجي پر پنهنجي وزارت سان ته سچائي ڏيکاري نه. ڀلا ميڊيا کي سنڌ يا عوام جو ايڏو اونو ڇو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ان جي ڊيوٽي آهي، عوام ۽ حڪومت کي ان مسئلن کان آگاهه ۽ با خبر رکڻ ميڊيا جو اولين فرض آهي ايئن ئي حڪومت ۽ ان جي وزيرن جو به فرض آهي ته اهي پنهنجن وزارتن ۾ بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ پگهارن کي حلال ڪن.
سو گوسڙو استادن وارو اهو معاملو جيئن ته رڳو ٿرپارڪر ضلعي جو نه پر سڄي سنڌ جو آهي تنهن ڪري سنڌ جي تعليم جي وزير کي ان رپورٽ جو سخت ۽ فوري نوٽيس وٺي معاملي کي ڏسڻ گهرجي ۽ ان جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي. اها ڪيڏي نه خراب ڳالهه ليکي ويندي ته ڦلاڻي وزير جي وزارت ۾ ڪو قابل ذڪر ۽ يادگار ڪم نه ٿيو يا اهو چئجي ته جديد ترقي يافته دور ۾ اسان جي تعليم ماضي واري معيار کان به گهڻو هيٺ تنزلي کان ٿيندي مڪمل طور تي تباهي تي اچي پهتي آهي. سو اسان جي خواهش هوندي ته سنڌ جو موجوده تعليم جو وزير جيڪو اديب به آهي ۽ ڪالم نگار به رهيو آهي ته دانشور به آهي ۽ سو گوسڙو استادن واري رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺڻ جي روايت وجهندو ۽ ان معاملي کي درست ڪندو. ان کان اڳ جو عدالت ان رپورٽ جو نوٽيس وٺي بهتر رهندو ته سردار شاهه صاحب ان جو نوٽيس وٺي ۽ پنهنجي وزارت جي بهتري لاءِ نئين سري سان سوچي ۽ پاڻ کي تعليم جو بهترين وزير ثابت ڪري.