جنرل(ر) باجوا جو ڀاءُ، پي آءِ اي آفيسر جعلي ڊگري تي برطرف

لنڊن (م ڊ) برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوا جي ملازمت ختم ڪئي وئي.  پي آءِ اي ترجمان موجب لاهور بورڊ مان ايف اي سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ تي اقبال جاويد باجوا کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو هو. برطانيه ۾ پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا کي 30 جولاءِ تي پي آءِ اي جي فنانس مئنيجر برمنگهم طرفان شو ڪاز ڏنو ويو هو. ذريعن موجب  اقبال جاويد باجوا 1977ع ۾ پي آءِ اي راولپنڊي آفيس ۾ نوڪري حاصل ڪئي ۽ 1980ع ۾ برطانوي شهريت ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا برطانوي شهريت حاصل ڪندي ئي پي آءِ اي ۾ ملازمت برطانوي شهري جي حيثيت سان تبديل ڪرائي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جو ڀاءُ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.