اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته ريٽائرمينٽ کانپوءِ به فيض حميد جا مون سميت پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن سان رابطا هئا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته فيض حميد جي مون سان دعا سلام هئي پر پارٽي جي ٻين ميمبرن سان واسطي جي نوعيت جي خبر ناهي. جن سان دوستي هجي ته پوءِ اهو ناهي ڏٺو ويندو ته ريٽائرمينٽ ٿي وئي ته رابطو ٽوڙي ڇڏيون. هن چيو ته 22 آگسٽ جو جلسو ملتوي ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ رابطو ڪيو هو. پي ٽي آءِ اطلاعات سيڪريٽري چيو ته اختر مينگل جي چهري تي تڪليف ظاهر هئي جنهن کي ڏسي افسوس ٿئي ٿو. اسان کي اختر مينگل جهڙن ماڻهن کي واپس آڻڻ گهرجي. هن چيو ته محمود خان اچڪزئي ۽ راڻا ثناءُالله ذريعي نواز شريف سان ميٽنگ ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڪا تجويز اچي ٿي ته اسان ڳالهائي سگهون ٿا.