ڪارساز روڊ حادثو : پيءُ ۽ ڌيءَ جي قتل سان انصاف جو سوال

تحرير: وفا گولو

ٻه هفتا اڳ ڪارساز وٽ گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوتگي واري ڪيس ۾ پوليس  جوابدار عورت جي جسماني رمانڊ جي  گهر ڪئي هئي ۽ عدالت جوابدار نتاشا جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو هو ان بابت جوابدار عورت جي وڪيل عامر منسوب جو اهو موقف هو ته سندس موڪلا جي ذهني ڪيفيت درست ناهي هوءَ جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي،کيس ضمانت ڏني وڃي. عدالت چيو ته جوابدار عورت جي پيشي کانسواءِ ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.عدالت خاص مئجسٽريٽ جا فرض انجام ڏئي رهي آهي، عدالت کي ضمانت ڏيڻ جو اختيار ناهي. عدالت هڪ ڏينهن جو رمانڊ ڏئي رهي آهي، سڀاڻي عورت کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت حڪم ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار پيش ٿيڻ جوڳو ناهي ته سندس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گرفتاري وقت جوابدار جو ڊرائيونگ لائسنس قبضي ۾ ورتو ويو  اهو موجود آهي؟ جاچ آفيسر عدالت جي سوال جي جواب ۾ ڪنڌ لوڏي نه ۾ جواب ڏنو هو.

ڪراچي ۾ 19 آگسٽ تي ڪارساز واري ھنڌ گاڏي ٽڪرائڻ جي ڪري ھڪ شخص ۽ سندس ڌيءَ کي مارڻ واري ڪيس جي جوابدار نتاشا دانش خلاف ڪجهھ ڏينهن بعد نشو آڻيندڙ شئي استعمال ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.پر ان بعد سماجي حلقن پاران سوال اٿاريو ويو هو ته ڇا هن ڪيس جي پڄاڻي به صلح نامي تي ٿيندي، يا وري بااثر خاندان سان واسطو رکندڙ ھن جوابدار کي قانون موجب سزا ملندي؟ڇو ته پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ نتاشا دانش تي الزام مڙهيو ويو هو ته سندس رت ۽ پيشاب جي ٽيسٽن مان پتو پيو لڳي رهيو آهي ته ڪار حادثي وقت ھوء ’آئيس‘ جي نشي ۾ ھئي.

واقعي ۾ مارجي ويل 62 ورهين جي عمران عارف جي ڀاءُ امتياز عارف، جيڪو ھن  ڪيس ۾ فريادي آھي، پوليس جي ڪارروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو.ان ڪيس جي وڪيل دعويٰ ڪئي ته نتاشا دانش وٽ برطانوي شهريت ۽ برطانوي ڊرائيونگ لائسنس آهي، جنهن موجب ڇھن مهينن تائين پاڪستان ۾ ڊرائيونگ ڪري سگهجي ٿي.

ٻي ايف آءِ آر ۾ ’آئيس‘ جي استعمال واري الزام بابت نتاشا جي وڪيل جو چوڻ هو ته جنهن سيڪشن موجب اها ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، تنھن موجب شراب جي نشي ۾ گاڏي هلائڻ ڏوھ آهي، جڏهن ته ان ۾ ’آئيس‘ جو ڪو ذڪر موجود ناهي. آئون ان حوالي سان قانوني دليل عدالت ۾ پيش ڪندس. ڪن ٻين وڪيلن به ساڳئي موقف جو اظهار ڪيو آهي.انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ وڪيل جبران ناصر به ڪيس ۾ حدود آرڊيننس جا نشي بابت قلم شامل ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو هو ته ان قانون ۾ شراب شامل آھي، جڏھن ته ’آئيس‘ شامل ناهي.پر ٻئي پاسي جوابدار جي مڙس ۽ گاڏي جي مالڪ دانش اقبال کي ستن ڏينهن لاءِ وقتي ضمانت ملي وئي آھي. کيس هفتي اندر ٻيھر عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ پوليس سان جانچ جي معاملي ۾ سھڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اسان جي ملڪ اندر ماضي جا اھڙا ڪيس ڪارساز حادثي کانپوءِ اهو ڪيس ھن وقت سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آهي. ھن کي ماضي جي انھن ڪيسن سان پڻ ڀيٽيو پيو وڃي جن ۾ جوابدار سزا کان بچي ويا، يا وري مقتول جي گهرڀاتين کي ديت ادا ڪري سزا کان بچي ويا.

ڪارساز حادثي ۾ عورت جوابدار اوچتو نفسياتي مريض ڄاڻائي وئي آهي،جوابدار عورت وٽ جيڪڏهن برطانيا جو ڊرائيونگ لائسنس آهي ته ڇا اتان جي حڪومت سندس نفسياتي معائنو نه ڪيو هوندو؟ جيڪڏهن عورت واقعي نفسياتي مسئلن مان گذري رهي هئي ته توهان هن کي گاڏي هلائڻ ڇو ڏني؟ هن جي  ضمانت لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن،اوچتو کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، ان قسم جا ماڻهو جيل ۾ وڃن ته اتي به کين وي آءِ پي پروٽوڪول ملندو آهي،هن ملڪ جو الميو آهي ته پورو سسٽم ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، پراسيڪيوشن ۽ پوليس به جسٽس نظام جو حصو آهي، هن سانحي ۾ پئسو کٽيندي نظر اچي رهيو آهي، فوت ٿي ويل غريب پيءُ ڌيءَ جي حق ۾ پورو پاڪستان گڏ بيٺو آهي،برطانيا يا ڪنهن مغربي ملڪ ۾ ان قسم جو حادثو ٿئي ها ته ڀلي ڪو وڏو وڪيل ڇو نه هجي ها عورت جوابدار جيل ۾ هجي ها ،نفسياتي مسئلو ته بعد ۾ ڏٺو وڃي ها

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.