اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) توانائي واري وزارت پاران قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي ادارا 2 کرب 56 ارب رپين جا بجلي جي بقايائن ۾ آهن. قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب وفاقي حڪومتي ادارا بجلي جي مد ۾ 47 ارب 81 ڪروڙ روپين جا قرضي آهن، جڏهن ته صوبائي حڪومتن جا ماتحت ادارا بجلي جي مد ۾ 1 کرب 51 ڪروڙ روپين جا قرضي آهن. دستاويزن موجب وفاقي حڪومت ليسڪو جا 6 ارب 67 ڪروڙ، گيپڪو جا 2 ارب 82 ڪروڙ، فيسڪو جا 1 ارب 72 ڪروڙ، آئيسڪو جا 14 ارب 13 ڪروڙ، ميپڪو جا 2 ارب 18 ڪروڙ، پيسڪو جا 2 ارب 22 ڪروڙ رپيا، حيسڪو جا 5 ارب 53 ڪروڙ، سيپڪو 9 ارب 13 ڪروڙ ، ڪيسڪو جا 2 ارب 40 ڪروڙ ۽ ٽيسڪو جي 96 ارب رپين جي قرضي آهي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت جي 5 بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين 33 ارب 5 ڪروڙ، خيبرپختونخواهه حڪومت پيسڪو ۽ ٽسڪو جا 26 ارب 25 ڪروڙ ، سنڌ حڪومت حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي 54 ارب کان وڌيڪ جڏهن ته بلوچستان حڪومت ڪوئيٽا اليڪٽرڪ جا سپلائي ڪمپني 38 ارب 29 ڪروڙ روپين جون رهتون آهن .دستاويزن موجب ڪشمير حڪومتي ادارن ڏي 56 ارب 77 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن