اسلام آباد(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تحت ضلعن کي سڌي ريت فنڊ جاري ڪيا وڃن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ارڙهين ترميم جا اختيار گراس روٽ ليول تائين نه آيا آهن، اختيار لوڪل گورنمينٽ کي ڏنا وڃن.32 اهڙا ادارا آهن جيڪي لوڪل گورنمينٽ جي ماتحت آهن، گهٽين ۽ گند ڪچري بابت فيصلو ملڪ جي هر گهٽي ۾ قائم يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ٿيڻ گهرجي.