اسلام آباد(بيورو+ م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن کي ملڪ لاءِ غير ضروري سمجهڻ کان وڏيبيوقوفي ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته سياستدانن کي بااختيار بڻايو، سياست جي اهميت جتي ڄاتل سڃاتل ۽ تجربيڪار ماڻهن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ يقيناً انهن جي جاءِ تي نوان نوجوان ايندا، پر اهي ناتجربيڪار ۽ جذباتي هوندا آهن ۽ اهو معاملو ايترو ته مونجهارو بڻائيندو آهي جو سٽ سلجهائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جا سمورا معاملا رنڊڪ بڻيل آهن، ڊيرا اسماعيل خان، لڪي مروت جو علائقو هٿياربندن قبضي ۾ آهي، اتي ڪو به ڪم نٿو ٿي سگهي، اڄ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڪستان جو قومي ترانو نٿو پڙهي سگهجي. پاڪستان جو جهنڊو نه نه ٿو ڦڙڪي، حالتون خراب ٿي ويون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن راڄ آهي ، هو ڪچي جي صورتحال تي پريشان آهن، هو پارليامينٽ کي گذارش ڪن ٿا ته اهي ڳالهيون ڪن، جڏهن رياست ناڪام ٿيندي ته اتي وڃي صورتحال تي ضابطو آڻينداسين. هن چيو ته مسنگ پرسنز هڪ اهم ۽ انتهائي سنجيدا مسئلو آهي، سندن پيار ورهين کان گم لاپتا آهن، جيڪو به گم آهي حڪومت جي ذميواري آهي سندس پونئرن کي ٻڌائي ته سندن ڀاتي ڪٿي آهي، اختر مينگل جنهن احساس تحت استعيفيٰ ڏني اِهو احساس هتي کوڙ سارين پارٽين جو آهي، اقتدار ۾ آندل ماڻهن وٽ ٻيو ڪو ڪم ناهي بچيو سواءِ ان جي ته جڏهن سندن آقا چاهي هو انهن لاءِ قانون سازي ڪن. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه جو چوڻ آهي ته مهانگائي وڌي رهي آهي، ماڻهن کي روزگار نه ٿو ملي، پاڪ پي ڊبليو ڊي ۽ يوٽيلٽي اسٽورز کي ختم ڪيو پيو وڃي، اهڙن قانونن کي ايوان ۾ رد ڪنداسين .هن سوال ڪيو ته ڇا حڪومت وٽ فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي؟ ڇا انهن ۾ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت آهي يا اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ پارليامينٽ کي پاڻ ڳالهائڻ ڏي ۽ ملڪ مان بيچيني ختم ڪري، اسان پراڪسي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اها اسان جي مفادن جي جنگ ناهي، عالمي طاقتن فائدو ورتو آهي. ان جا ٿي ويا آهن.مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسو، ماهرنگ بلوچ بلوچستان ۾ مسئلن جي ڳالهه ڪري ٿي، جڏهن وزيرن کان دفاعي خرچن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ته ان حوالي سان ڪا به خبر ناهي ته آڊٽ رپورٽ پاڻ وٽ آهي پر جڏهن اسان پڇو ٿا ته اوهان کي خبر آهي بليڪ آئوٽ، ڇاڪاڻ ته اها وزارت دفاع جو چوڻ آهي ته، هتي صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن ماڻهو ڳالهائيندا آهن، انهن کي خطرو آهي.عمر ايوب مطالبو ڪيو ته جبري گمشدگين جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي وڃي، توهان معيشت جو بيٺو غرق ڪيو آهي، انهن جي هٿن ۾ ڪجهه به ناهي، هوشيار ٿيو، ان کي آسانيءَ سان نه وٺو، جنهن سبب سردار اختر مينگل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هڪ توهان کي حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اختيارناهي. عمر ايوب جي جواب ۾ حنيف عباسي چيو ته پنهنجي فوج خلاف ايترو زهر نه اوڳاڇيو، سوچيم اڄ اپوزيشن ليڊر نوان خواب ڏسندا، منهنجو خيال آهي ته اپوزيشن کي اسرائيل ۽ آمريڪا کان فنڊنگ ملي رهي آهي.