ٺٽي ضلعي ۾ برساتن جي تباهي ۽ متاثرن جي سار لهڻ وارو اتساهيندڙ عمل

تحرير: زارا نواز شيخ

جيئن سڄي ملڪ ۽ سنڌ ۾ هيلوڪي سال، چوماسي جي برساتن تباهي مچائي آهي تيئن ٺٽي ضلعي ۾ به راڱا ڪيا اٿائين. رپورٽون آهن ته  تازو ٿيل برساتن سبب سنڌ ۾ هارين جا فصل تباھ ٿي چڪا آهن ڪپھ، ڀاڄيون ، ٽماٽا ،  به مڪمل تباھ ٿي ويا آهن. هارين کي مهانگي اگھن تي ٻج ڀاڻ ڏنا وڃن ٿا ، فصل تباھ ٿيڻ سبب هاري قرضي ٿي چڪا آهن برسات جو پاڻي بيهڻ ڪري علائقي واسي ٻار مختلف بيمارين ۾ وٺجي چڪا آهن. روڊ رستا تباھ ٿي ويا آهن. ڳوٺن کان شهرن تائين اچڻ مشڪل بڻجي ويو آهي ،

ڳوٺ بشام کوسو ۾ 15 کان وڌيڪ پورھيتن ،جا ڪچا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا،  ڪيترن ئي ڳوٺن جي رھواسين پاران پاڻي جي بور تي لڳل سندن قيمتي سولر پليٽون تباهه ٿي ويون آهن،جڏهن ته ڳوٺ چنيسر شورو ۾ چئن پورھيتن ۽ خاصخيلي برادري جا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، ڪوھستاني ڳوٺ حاجي الھه بخش شورو ۾ به پورھيتن  جا گھر ڊھي پيا.

ڳوٺ امين شورو ۾ به ڪيترائي گھر ڊھي پيا، متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار بڻيل آھن. ضلعي انتظاميا ٺٽو توڙي چونڊيل نمائندن برسات متاثرن جي ڪا به واھر نه ڪئي، هوڏانهن ٺٽي ۾ پنجن ڏينهن کان جاري برساتن زمينن ۾ بيٺل ساريال جي فصل توڙي لاباري ڪيل ساريال جي فصل سميت ٻين فصلن کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي. لاڳيتي برساتن پوڻ سبب چڱا ڀلا ماڻهو به گهرن جي ڇتين ، ديوارن ڀتين جي زبون حالي ۽ وهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، شايد ڪو ئي گهر هجي جتي جنهن جي ڇت نه وهي هجي.

ٺٽو ساڪرو هر پاسي کان برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي، اڪثر غريب مسڪين مارو ماڻهن جا گهر ماڳ مڪان زبون حاليءَ سبب ختم ٿي ويا آهن، ميرپور ساڪرو يوسي کڳاڻ جي ڳوٺ الھه بخش ڪلوئي ڳوٺ محمد بخش ڪلوئي ڳوٺ ڪالا خان ڪلوئي ۾ طوفاني برساتن سبب ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو يوسي کڳاڻ ۾  ڪلوئي ڳوٺ جا 48 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ڪيترائي ماڻهو بي گهر بڻجي ويا آهن ڪافي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، هر پاسي ايمرجنسي واري صورتحال آهي،يوسي گهگهي ۾ 28 گهر ڊهي پٽ، يوسي سکپور جي ڳوٺ سچيڏنو شيخ ۾ به ڪجهه گهر ڪري پيا آهن. هاري آبادگارن کي لکين جو نقصان پھتو آھي. ڳوٺ عمر خان ۾ به وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ تيار فصل تباهه گهر به ڪري پٽ پئجي ويا آهن.

گذريل برساتي ٻوڏ ۾ ٿيل تباهه ڪارين جو حڪومت هن وقت تائين ازالو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، متاثرن کي گهر اڏي ڏيڻ، زراعت کي پهتل نقصان جو ازالو ڪرڻ، ڊرينيج نظام جي بهتري سميت اڻ ڳڻيون دعوائون ڪيون ويون پر عملي طور تي ڏٺو وڃي ته هن وقت تائين سواءِ ڪجهه قسطون ۽ ڪجهه گهر متاثرن جي حوالي ڪرڻ کانسواءِ ڪو ڪم ناهي ٿيو. ڪيترائي متاثر ته منهنجي ڳوٺ ۾ به موجودآهن جن جا نالا متاثرن واري لسٽ ۾ هئڻ ۽اڪائونٽ کولڻ باوجود گهرن جا پئسا جاري نه ڪيا ويا آهن ڪافي متاثر وري اهڙا به هئا جن کي هڪ سال کان پوءِ پهرين قسط بينڪ مان ڌڪا، ٿاٻا کائڻ، شديد گرميءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ ملي آهي. گذريل برساتن ۾ جن جا گهر ڊهي تباهه ٿي ويا، چوپايو مال مري ويو، سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو اِن متعلق حڪومت سروي ڪيو هو، مڪمل     پنهنجن مخصوص ماڻهن کي بڻايو ويو سروي تحت پنهنجن کي نوازيو ويو آهي، زميندارن، علائقن بااثر توڙي ٻين ماڻهن جن جي گهرن جون شايد ڇتِيون به نه ٽِميون هيون اُنهن کي به متاثرن واري لسٽن ۾ شامل ڪري اُنهن کي به گهر اڏڻ لاءِ قسطون جاري ڪيون پيون وڃن.

يعني برساتي ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي هڪ سال مڪمل  ٿي ويو آهي پر حڪومت هڪ ٻن ڪمري واري ڇت به متاثرن کي مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. جيڪڏهن زراعت جي ڳالهه ڪجي ته گذريل سال زراعت کي به ڪاپاري ڌڪ رسيو هيو، اِن جي سروي ۾ به ڪافي سوال سامهون آيا آهن، بااثر ماڻهن کي ته شايد نقصانن متعلق ٿيل سروي کان پوءِ رقم جاري ٿي آهي پر وڏي تعداد ۾ اهڙا آبادگار آهن جن کي هن وقت تائين رپيو به ناهي مليو.ائين گذريل برساتن ۾ گهر ڊهي پٽ ٿي ويل غريب متاثرين هن مھل تائين سنڌ سرڪار پاران گهر ٺهرائي ڏيڻ جي انتظار ۾ آهن.

ڏسڻو اهو آهي ته انهن اعلانن تي ڪيترو عمل ڪيو ٿو وڃي.

اهڙي صورتحال ۾ جن وزيرن يا عام ماڻهن متاثر ماڻهن هيلو ڪي برسات ۾ جي سار لڌي آهي، ڏکئي وقت ۾ ساڻن بيٺل نظر آيا تن جي ساراهه نه ڪرڻ زيادتي هوندي. علي حسن زرداري به هر مشڪل گهڙي ۾ پنهنجي تڪ جي عوام سان گڏ بيٺل نظر آيو آهي پوءِ کڻي نيلوفر طوفان هجي يا بپر جو ، هي حاجي صاحب پنهنجي خاندان سميت پنهنجي غريب عوام، صحافين ،سماجي اڳواڻن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل ڏٺو ويو. ايئين گذريل آگسٽ مهيني جي آخري هفتي ۾هن برسات سٽيل علائقن جو طوفاني دورو ڪيو ۽ تڪ صوبائي وزير ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو  چئرمين اقبال خاصخيلي سان گڏ شهر جي صورتحال جو جائزو ورتو جتي سماجي اڳواڻ اصغر نواز شيخ ديهه ڊھڙو جي آبادگارن طوفاني برسات ۾ تباھ ساريل جي فصل جي متعلق بريفنگ ڏني ۽ آباد گارن لاءِ فوري رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو سندن عمل کي ساراهيو ويو آهي. تعلقي ميرپور ساڪري ۾ سڀ کان پهرين آبادگارن لاءِ آواز اٿارڻ تي کيس ضلعي ڀر ۾ ساراهيو پيو وڃي. هن  کين چيو ته ساريون زمين ۾ بيٺل ڦٽي ويون آهن اميد ته توهان ميرپور ساڪرو جي عوام لاءِ ضرور آواز اٿاريندا اصغر نواز شيخ دوري تي آيل صوبائي وزير ۽ سنڌ جي حڪومت کي اپيل ڪئي ته ٺٽي ضلعي ۽ ميرپور ساڪرو جي ديهه ڊهڙو کي آفت سٽيل  علائقو قرار ڏنو  وڃي ته جيئن برسات متاثرن جي ترت سهائتا ٿي سگهي. اسان برسات متاثرن جي سار لهڻ تي سماجي اڳواڻ اصغر  نواز شيخ کي جس ڏيڻ پنهنجو اخلاقي فرض سمجهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.