غير قانوني پرڏيهين خلاف منظور ٿيل ٺهراءُ تي ترت عمل ڪري ڏيکاريو

ٽيون ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ سنڌ صوبي مان غير قانوني طور  رهيل ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان هڪ رٿ منظور ڪئي آهي جنهن ۾ افغانين سميت سڀئي اهي ڌاريا آهن جن هن صوبي ۾ رهندي ان سان ئي دشمني جو ورتاءُ ڪري رهيا آهن.. پ پ جي ايم پي اي هير سوهو سنڌ مان پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ بابت رٿ پيش ڪئي هئي جيڪا منظور ڪئي وئي. هير سوهو جو موقف هو ته ڌاريا سنڌ ۾ سر عام گهمي رهيا آهن، صوبي جا وسيلا به استعمال ڪري رهيا آهن ۽  اهي ئي بدامني جا ذميوار آهن. گهرو وزير ضياءُ لنجار جو به چوڻ آهي ته ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي بار آهن سو  صوبو هاڻي وڌيڪ پرڏيهين جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته غير قاني پر ڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ سڀني کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي. پ پ جي مميبر ماروي راشدي چيو ته نادرا غيرقانوني مهاجرين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪو غيرقانوني عمل آهي. رپرٽن موجب مهاجر لفظ استعمال ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم وارن گوڙ ڪيو ته مارويءَ  چيو ته اسان سنڌ ۾ رهندڙ غير قاني پرڏيهين جي نيڪالي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، سڄي دنيا اندر غيرقانوني ڌارين جي خلاف سخت پاليسيون آهن، هڪ پاسي ڌارين جي نيڪالي تي بحث ٿي رهيو هو ته جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق وري چيو ته منهنجو  مطالبو آهي ته بنگلاديش ۾ رهندڙ  بهارين کي عزت سان وطن واپس آندو وڃي  باقي انهن مهاجرن کي واپس ڪيو وڃي جن وٽ شناختي ڪارڊ ناهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هڪ ايم پي اي به اصولي طور تي غيرقانوني پرڏيهين جي خلاف پيش ٿيل رٿ جي حمايت ڪئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اصولي طور تي سڀني سنڌ اسيمبلي ميمبرن  غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جي حمايت ڪئي ۽ اڪثريت طور تي اها رٿ منظور به ٿي وئي.

اسان جو ته اهو ئي خيال آهي ته جنهن به ڪم، شئي يا عمل کي غيرقانوني چئجي ٿو  يا سمجهه جي ٿو ته تنهن خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ، بحث ڪرائڻ يا اعتماد ۾ وٺڻ جي ته ڪا گنجائش ئي  نه هئڻ گهرجي. جيڪا به شئي، ڪم يا ڪو عمل غيرقانوني هجي ته پاڻمرادو حڪومتن کي ۽انتظاميا کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جيئن سنڌ اسيمبلي ۾ ان اشو تي بحث ڪندي چيو ويو ته دنيا اندر غيرقانوني پرڏيهين خلاف سخت قانون هوندا آهن ان ڪري هتي به ان معاملي کي سختي سان ڏسڻ گهرجي.اها سختي ان ڪري به ڪئي ويندي آهي جو غير قانوني پرڏيهين جي واڌ سان هڪڙا مسئلا به ٿيندا آهن. جيئن غيرقانوني طور  پرڏيهي رهيا پيا آهن ته اهي پوءِ ڪم به اوهڙا ئي غيرقانوني ڪندا آهن ۽ اهي غير قانوني پرڏيهي انهن ملڪن جي وسيلن تي بار به هوندا آهن. ٻيو ته اهي پرڏيهي ان ملڪ  يا صوبي مان ڪمايل ڪمائي جو حصو ا تي نه وجهندا آهن پر  پنهنجن ملڪن ڏانهن   اهو ڪمايل ناڻو  موڪليندا آهن. ان کان علاوه ڏوهاري وارداتن ۾ به پرڏيهي وڌي چڙهي حصو وٺندا آهن، جنهن ڪري اهي انهن ملڪن جي حڪومتن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويندا آهن. پر هاڻي جيئن ته وڌندڙ آبادين سان وسيلا محدود ٿيندا ٿا وڃن ته ان صورتحال کي ڏسندي به پرڏيهين  جي بار ۽ مقامي آبادين جي استحصال بابت سنجيدگي سان سوچڻ شروع ڪيو ويو آهي. پاڪستان اندر به خاص ڪري ضيائي دور ۾ لکين افغانين کي جيڪا پناهه ڏني وئي تن پوءِ افغانستان کي وساري پاڪستان ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني پر انهن اڪثريتي طور تي پاڪستان کي پنهنجو محسن سمجهڻ ۽ نمڪ حلالي ڪرڻ بدران الٽو ان لاءِ دهشتگردي ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جا مسئلا پيدا ڪيا ۽ جڏهن انهن ملڪي فوج سان وڙهڻ شروع ڪيو ته پوءِ جي وفاقي حڪومت اهو فيصلو ڪرڻ تي  مجبور ٿي ته هاڻي کين واپس موڪليو وڃي. ان فيصلي ۾ معاشي بدحالي جو به عنصر شامل هو.

سنڌ ۾ ته تاريخي طور تي هر دور ۾ ڌارين جي ڪاهه ۽ قبضاگيري رهي آهي ايستائين جو ڌاريا ۽ غير قانوني پرڏيهي طاقت جي زور تي حڪمران به بڻجندا رهيا، تنهن ڪري سنڌ ۾ هر دور ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف آواز اٿاريو ويو آهي. سنڌ ۾ ڌاري آباڪاري نه رڳو سنڌ واسين جو استحصال ڪيو آهي پر ان واڌ سنڌي قوم کي اقليت جي خطري ۾ به وجهي ڇڏيو آهي. هاڻي ڌاريا ۽ قابض اها به دعويٰ ڪن ٿا ته ڪراچي  سندن آهي، سنڌين جي ناهي تنهن ڪري ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري الڳ صوبو بڻائي ڏنو وڃي. ان کي چئبو آهي ته هڪ چوري ٻي سينا زوري.  انهن غير قانوني پرڏيهين سنڌ جي ثقافتي روح کي به گدلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرڏيهين جي لوڌ ڪري هاڻي سنڌ به روايتي سنڌ ناهي رهي انهن جي موجودگي سبب هاڻي سنڌ به مذهبي انتها پسندي، دهشت گردي، ۽ هٿياربندي وڌي وئي آهي. ايئن سنڌ جي امن کي به غير قانوني پرڏيهين تباهه ڪيو آهي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اهي ئي ملوث ڏٺا ويا آهن.

غير قانوني پرڏيهين جي حوالي سان بيان ڪيل ان مختصر پس منظر کي ڏسندي سنڌ اسيمبلي ۾ ٽيون ڏينهن جيڪا رٿ منظور ڪئي وئي آهي تنهن کي اسان درست عمل سمجهون ٿا پر ان جي آجيان تڏهن ڪنداسين جڏهن ان ٺهراءُ تي عمل به ٿيندو. عام طور تي اسان وٽ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ ته منظور ٿيندا رهندا آهن پر انهن تي عمل نه ٿي سگهندو آهي. پوءِ اهڙن ٺهرائن ۽ رٿن جو ڪهڙو فائدو جيڪي عملي شڪل نه وٺي سگهن. سو هاڻي جڏهن  سنڌ اسيمبلي ما ن غير قانوني پرڏيهين خلاف ٺهراءُ منظور ٿي چڪو آهي ته پنهنجو وري مطالبو اهو هوندو ته ان تي ترت عمل به ڪري ڏيکاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.