اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي جي ڌاڙيلن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، ضلعي گهوٽڪي جي ايس ايس پي سمير نورچنا کان مخاطب ٿيندي ڌاڙيلن چو چوڻ هو ته ڪچي طرف ايندڙ سمورا اهلڪار ماريا ويندا، نه وڙهندڙ اهلڪارن کي هوءَ اغوا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائيندا، ڌاڙيلن وڊيو ۾ وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي هاڻ موٽر وي به نه سنڀالي سگهندو. ٻئي طرف اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس جو ماحول پکيڙجي ويو آهي.