ٺٽو/ ڌاٻيجي(نمائنده) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آھي ته سنڌ جا ماڻھو اڳ ۾ به اھڙي فيصلي کي رد ڪري چڪا آھن، ڇاڪاڻ ته 1991ع پاڻي معاھدي تحت فيصلا ٿين ئي نه پيا، ھڪ طرفي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم پنھنجي پسند تحت ڪن مان جهلي ڪنھن به ماڻھو کي اتي ويھاري ڇڏيندو، پوءِ ان فيصلي جي اھميت ڇا رھندي، اڃان وڌيڪ ناانصافي ٿيندي. ھن چيو ته ملڪ ۾ ڪيترن ئي حوالن سان انتشار آھي، سڀني صوبن کي گڏ کڻي ھلڻو پوندو، خاص طور تي پاڻي، ناڻي، وسيلن ۽ امن امان جي حوالي سان انصاف ڀريا فيصلا ٿيڻ گھرجن، سي سي آئي جو ھڪ پليٽ فارم موجود آھي جنھن کي بار بار ربڙ اسٽيمپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.