وڏو وزير مراد علي شاهه يونيورسٽي پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ ٽن مختلف پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ هفتي واپس ايندو.تقريبن ۾ آءِ بي اي ڪراچي ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي لائف ڊيزائن وچ ۾ سهڪار، بايو ليب ۾ هڪ وبائي مرض جي تياري ۽ هڪ پينل بحث شامل آهي جنهن جو عنوان ”سيليڪان ويلي کان ڪراچي تائين – جدت ۽ مقامي حل لاءِ تبديليءَ واري تعليم“ آهي. آءِ بي اي ڪراچي هڪ ڊيزائن ليب تيار ڪرڻ لاءِ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي لائف ڊيزائن ليب سان سهڪار ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ڪراچي ۾ هڪ ڊيزائن ليب تيار ڪرڻ آهي. وڏو وزير تقريب ۾ بحث لاءِ شرڪت ڪندو. وڏو وزير بائيو ليب ۾ سينڊفورڊ بايو سيڪيورٽي اينڊ پنڊيمڪ پري پيرڊنس انيشيٽو جو دورو به ڪندو ۽ ان جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جيفري ايس گلن سان به ملاقات ڪندو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ انفڪشن ڊيزز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر نيپا ۾ اهڙو ليب قائم ڪرڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.