مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جي ڪوششن جا سياسي ڪارڻ

تحرير: غلام حسين جوڻو

مولانا فضل الرحمان جو ملڪي سياست ۾ هميشه اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ مذهبي ۽ سياسي جماعت جميعت العلماءِ اسلام جو اڳواڻ آهي. سندس والد بزرگوار حضرت مولانا مفتي محمود صاحب جو به ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو هو. پاڻ خيبرپختونخوا (سرحد) صوبي جو وزيراعليٰ به رهيو هو. هن، وقت به مولانا فضل الرحمان کي عوام وٽان سٺي موٽ ملي رهي آهي. کيس خاص پذيرائي حاصل آهي. سندس سڏ تي سڄي ملڪ مان هزارين بلڪه لکين ماڻهو نڪريو پون ٿا.

ماضي تي جهاتي پائبي ته اهڙا کوڙ مثال سامهون اچي ويندا. مولانا صاحب جي حڪم تي مارچ به ڪيا ويا آهن. ڌرڻا به هنيا ويا آهن. ريليون به ڪڍيون اٿس ۽ جلسا جلوس به ڪري چڪو آهي. عوام وٽان سٺي موٽ ملڻ جي ڪري، ملڪي سياست ۾ سندس اهميت ۾ روزبروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. سندس مقبوليت وڌي رهي آهي. ملڪ جي عوام مولانا صاحب کي قدر ۽ عزت جي نظرن سان ڏسي ٿو. ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري ڪونه سگھندو. پر، هرڪو دل سان قبول ڪندو.

جڏهن عمران خان جي خلاف سياستدان هڪ پليٽ فارم تي متحده و متفق ٿيا هئا پاڪستان پيپلز پارٽي ، مسلم ليگ (ن) ۽ چند ٻيون ننڍيون پارٽيون به اتحاد ۾ شامل ٿي ويون هيون. کين، عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪرڻو هو. ان ڊوڙ ۾، ڄاڻايل اتحاد ۾ مولانا فضل الرحمان به اڳيان اڳيان رهيو. سندس پارٽي جماعت العلماءِ اسلام جا ڪارڪن به هر وقت تيار هئا ته جيڏي مهل سندن قائد مولانا فضل الرحمان حڪم ڪندو ته ميدان تي نڪري پونداسون مولانا صاحب ان اتحاد جو اڳواڻ رهيو ۽ عمران خان جي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. اها ڳالهه گھڻو اڳ جي ڪانه آهي جو ڪنهن کان وسري ويئي هجي. پر، اها چند سال اڳ جي ڳالهه آهي. يعني ماضي قريب جو قصو آهي جنهن ڪري سڀني کي چڱي طرح ياد هوندو ته مذڪوره جدوجهد ۾ مولانا فضل الرحمان ڪيتري قدر سرگرم رهيو ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين ايستائين ماٺ ڪري ڪو نه ويٺو جيستائين مقصد حاصل نه ٿيو ۽ جدو جهد جو نتيجو نه نڪتو. پاڻ هر حڪومت ۾ شامل رهيو آهي جڏهن ملڪ جي وزيراعظم بينظير ڀٽو هئي تڏهن به کيس سڻڀو عهدو ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ جيڪي به عوامي حڪومتون آيون تن ۾ هي ڀاڱي ڀائيوار رهيو. کيس حڪومت جي طرفان مراعتون ۽ سهولتون ملنديون رهيون مولانا فضل الرحمان ڪيترائي دفعا ملڪ جو چونڊيل نمائندو پڻ رهيو آهي. يعني ميمبر نيشنل اسيمبلي به ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ به جيڪي تقريرون ڪيون اٿس تن سندس سياسي قد ڪاٺ کي وڌايو آهي. پر، جڏهن عمران خان نيازي ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ وزيراعظم جي ڪرسي تي براجمان ٿيو ان دفعي پاڻ اسيمبلي ميمبر ڪونه ٿي سگھيو ۽ حڪومت کان ٻاهر رهيو. حڪومت جي طرفان کيس ملندڙ مراعتون به بند ڪيون ويون. جيڪي کيس سهولتون ملنديون رهيون سي واپس ورتيون ويون. شايد عمران خان ۽ سندس اختلافن جو اهو ئي سبب ۽ ڪارڻ هجي. يا ٿي سگھي ٿو ته ڪو ٻيو ئي سبب هجي ان باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي. ڪا حتمي راءِ نه ٿي ڏيئي سگھجي. اهو معاملو هاڻ ماضي جو قصو بنجي چڪو آهي. آئون مٿي لکي آيو آهيان ته، پاڻ هڪ مقبول سياسي ليڊر ۽ عالم دين آهي. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن جيڪي ملڪ ۾ جلسا ڪيا آهن تن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي. ڪراچي، سکر، ڪوئٽا، ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ وڏا، وڏا جلسا ڪيا اٿس. ڪجهه سال اڳ ۾ ريلوي اسٽيشن نوابشاهه جي ٻاهران مسجد ڪبير ۾ جلسو ڪيو هئائين جنهن ۾ توقع کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. راقم به اهو جلسو ڏسڻ ويو هو. ۽ سندس تقرير ٻڌي هئي ان وقت سندس تقرير جو موضوع “ختم نبوت” هو. موضوع کان علاوه ڪيترن ئي سياسي ڳالهين تي به روشني وڌي هئائين. سندس پارٽي جا ڪارڪن ڏاڍا منظم آهن جيڪي وڏي تعداد ۾ سڄي ملڪ ۾ آهن. مولانا فضل الرحمان هڪ سٺو مقرر ۽ خطيب آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ تقرير شروع ڪندو آهي ته سامعين پنڊال مان نعرا هڻڻ شروع ڪندا آهن. سندس جوشيليون تقريرون ٻڌڻ وٽان آهن. جيڪي حقيقتن تي مبني هونديون آهن. هن جي تقرير ٻڌڻ سان ڪافي ماڻهو سندس جا پوئلڳ ٿيو پون ٿا.

موجوده اتحادي حڪومت جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، ۽ مسلم ليگ (ن) جي شراڪت آهي. پر، مولانا جي پارٽي جماعت العلماءِ اسلام ان اتحاد ۾ شامل ڪونه آهي. اها جماعت حڪمرانن کان ٿورو پاسيرو بيٺل نظر اچي ٿي. جڏهن ته هن جماعت جا ڪيترائي ميمبر قومي و صوبائي اسيمبلين ۾ به موجود آهن مولانا صاحب حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي ناراض آهي. ۽ ڪيترائي دفعا اهڙو اظهار به ڪري چڪو آهي. شايد هن حڪومت ۾ کيس اهي سهولتون حاصل ڪونه آهن. جيڪي ماضي ۾ کيس ملندڙ هيون بظاهر ته ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو جنهن ڪري مولانا صاحب وڌيڪ ناراض ٿي ويو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪجهه سرڪرده اڳواڻ به هن سان ملي چڪا آهن ۽ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي ويئي آهي. عام خيال آهي ته هاڻ مولانا صاحب جو لاڙو پاڪستان تحريڪ انصاف طرف وڌندو پيو وڃي. اڳتي هلي ٻيئي پارٽيون ڪو گڏيل اتحاد ٺاهين ۽ حڪومت جي خلاف ڪا تحريڪ هلائين عمران خان جي پارٽي به ملڪ جي وڏين پارٽين مان هڪ آهي. هن پارٽي جا ڪيترائي چونڊيل ميمبر ايوان ۾ ويٺا آهن. جيڪڏهن ٻئي پارٽيون پاڻ ۾ اتحاد ڪن ٿيون ۽ ملڪ گير جدوجهد ڪن ٿيون ته پوءِ حڪومت لاءِ دشواريون پيدا ٿي سگھن ٿيون. ٿي سگھي ٿو ته جماعت اسلامي به اڳتي هلي هنن سان اتحاد ڪري وٺي. جيڪا حڪومت جي خلاف آهي ۽ حڪومت جي مخالفت ۾ ڌرڻا هڻي رهي آهي.

اها پارٽي به ملڪ جي اهم سياسي پارٽي آهي. جنهن کي ڪير به نظرانداز ڪري نه ٿو سگھي. جنهن ڪري حڪومت کي ڪجهه خدشات ۽ تحفظات پيدا ٿي پيا آهن جنهن ڪري حڪومت ايندڙ وقت جي خطرن کي نظر ۾ رکندي مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. ته جيئن هي ملڪ جي اهم سياسي شخصيت من پرچي پوي ان سلسلي ۾ هيلا هلايا پيا وڃن. وسيلا ۽ ذريعا ڪتب آندا پيا وڃن حڪومتي وفد به مولانا کي پرچائڻ لاءِ ملاقات ڪري چڪو آهي. پر، اوچتو صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري به هن سان ملڻ لاءِ سندس رهائش گاهه تي ويو قومي يڪجهتي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي ويئي. مولانا صاحب کي سهڪار ۽ تعاون ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو. ٻڌو اٿم ته ان موقعي تي صدر کيس هڪ بندوق جو تحفو پڻ ڏنو آهي. هن ملاقات ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون تن جو تفصيل ته معلوم ٿي ڪونه سگھيو آهي. تنهن هوندي به هي اشارا ملي رهيا آهن ته ملڪي سياسي معاملن ۾ سهڪار ڪرڻ ئي ڳالهين جو محور و مرڪز رهيو. انهن ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪتو ان باري ۾ به ڪا خبر چار ڪونه پئجي سگھي آهي. پر، مبصرين جو خيال آهي ته مولانا جو لاڙو پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرف وڌندو پيو وڃي ان لاڙي ۽ رجحان کي روڪڻ لاءِ هيءَ ملاقات ٿي آهي. جيڪا هڪ اهم ملاقات هئي. آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات کي گھڻو وقت ڪونه گذريو آهي چند ڏينهن مس ٿيا آهن ته ملڪ جو وزيراعظم جناب شهباز شريف مولانا جي گھر پهچي ويو. هن ملاقات ۾ اهم سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون وزيراعظم سان اسحاق ڊار، محسن نقوي ۽ عطاالله تارڙ به گڏ هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي وزيراعظم، مولانا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اهڙين تڪڙين ملاقاتن مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي ان سلسلي ۾ عوام مختلف قياس آرايون ڪري رهيو آهي. مختلف خيالن جو اظهار ڪيو پيو وڃي بهرحال مولانا صاحب کي پرچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هاڻ ڏسجي ته پاڻ ڪنهن طرف جهڪاءَ ٿو ڏيکاري اهو مٿس منحصر آهي جيڪو به فيصلو ڪندو سو چند ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.