سامارو ( ن ع آ ) ساماري تعلقي جي يونين ڪائونسل پڌريوفارم ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪنهن به واهر نه ڪئي، ٻوڌ واري صورتحال چوماسي جي برسات تعلقي ساماري يونين ڪائونسل پڌريو فارم جي ديھه 327، ديھه سونٺي ديهھ ڊابو، ديھه جهلوري سميت ۽ ٻين ديھن جي ڳوٺن حسين آباد، ڀورو ڪولهي، داد خان چانڊيو، ڪالو ڀوتراڻي، عزيز سولنگي، بهرام ڪپري، احمد پنجابي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي ٽي کان چار فوٽ بيهڻ ڪري ٻوڏ جي صورتحال اختيار ڪري وئي آھي، برسات سبب متاثر ڳوٺن جي غريب پورهيتن جي مولچند ڪولهي، اجمل، جيوو، ڪرم، لالچند سميت سوين گهرن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ، ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري محفوظ جاين تي عارضي اجها قائم ڪري بي يارو مددگار بڻيل آھن، متاثرن وٽ پيئڻ جي صاف پاڻي، کاد خوراڪ جي کوٽ ھجڻ ڪري انهن جي مشڪلاتن جي ڪري اهنجن ۾ اضافو ٿي ويو آھي، جڏھن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته برسات بند ٿيڻ کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا جي ڪنهن به عملدار سار نه لڌي آھي. سوين گهر پٽ پئجي ويا آھن .متاثر ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته جلد پاڻي نيڪال ڪري واهر ڪئي وڃي