جوهي ۾ برسات تباهي جا نشان ڇڏي وئي، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، خلق خدا پريشان

جوهي ( رپورٽ:  ايم اسماعيل پيرزادو  ) جوهي تعلقي 10 کان وڌيڪ يوسين يوسي ڪمال خان، يوسي پٽ،  يوسي ڊرگهه بالا، يوسي واهي پانڌي، يوسي قصبو، يوسي کوھه ماڻو ، يوسي ٽنڊو رحيم خان،  يوسي ڇني، يوسي شاھه حسن، يوسي ساوڙو، يوسي ڪمال خان جي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو،  سوين خاندان ڳوٺن گهرن تائين محدود  ٿي ويا آهن،  چوپايو مال چارو ختم ٿيڻ ڪري تيزي سان مرڻ لڳو، جڏهن ته  2022 واري ٻوڏ دوران ايم اين وي ڊرين ايف پي بند کي لڳل گهارا ٻه سال گذُرڻ باوجود هڪ به گهارو بند نه ٿيو اربين رپيا واپڊا اسڪارپ ايريگيشن کاتي طرفان هڙپ ڪيا ويا، جڏهن ته ايم اين وي ڊرين ۾ چاڙھه سبب اوڀر طرف گرائونڊ ليول ايم اين وي ڊرين يوسي ڪمال خان جا سوين ڳوٺ ڏاتو چنا رحيم ڏنو،  ڇپر جمالي،  مرزا چنا،   بابو چنا، بخش چنا، ڇپر خان جمالي، سومر چنو، صاحب سولنگي سميت ٻين ڳوٺن جو ڪروڙين رپين جو فصل، چوپايو مال ۽ گهرو سامان ٻڏي ويو آهي، انتظاميا جي اهڙي نااهلي خلاف متاثر الهرکيو چنا جي ڳوٺاڻن الهرکيو چنو، محمد سومر چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  هنن چيو ته ڪيترن ڳوٺن ۾ گهرن اندر پاڻي ڊيم جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، ڳوٺاڻن جا لنگهه  بند ٿي ويا آهن،  هنن چيو ته سنڌ حڪومت هلائيندڙ توڙي ايم اين اي , ايم پي اي اسان متاثرين کي انسان ئي نٿا سمجهن, جن جي لاپرواهي سبب اسانکي هر  ڀيري ڀوڳڻو پوي ٿو،  گذريل ٻن هفتن کان ايم اين وي ڊرين جو زهريلي پاڻي جي گهيري هيٺ آهيون،  هزارين ايڪڙن تي بيٺل سارين ۽ وونئڻن جو فصل لُڙهي ويو آهي, مال متاع روڊن رستن تي آهي،  صاف پاڻي نه ملڻ ڪري مجبورن ٻوڏ جو زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري مرد عورتون ٻڍا ٻار نياڻيون دست الٽين جي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا آھن.   هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي کيس واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.