ڪنري: هاڪڙو ڍوري جي لڙھي ويل پُل تعمير نه ٿي، رهواسين جو احتجاج

ڪنري ( ن ع آ ) ڪنري ويجھو ڳوٺ مورجھنگو لڳ ھاڪڙو ڍورو جي قديمي موري ڊھڻ بعد انتظاميه پاران ٺاھيل عارضي پل چار ڏينھن اڳ پاڻي جي وهڪري ۾ لڙھي وئي هئي،  پُل لڙھي وڃڻ سبب 50 کان مٿي ڳوٺن جو گذريل چئن ڏينھن کان ڪنري شھر سان رابطو ڪٽيل آھي جنھن سبب اسڪول شاگردن، ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسي سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن، علائقي واسين اقبال آرائين، طاھر آرائين، حنيف ملاح، ڊاڪٽر خادم، ظھير ڪپري، مولوي فيصل ۽ ڊھيل پُل وٽ مين روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، مظاھرين چيو ته هاڪڙو ڍورو جي موري ڊھڻ سان ڳوٺ عبدالحيات آرائين، ڳوٺ مورجھنگو، ڪارو پلي، خدابخش دلواڻي، دوسو چاچڙ، ڏگو فارم سميت 50 کان مٿي ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو ٻار اسڪول نٿا وڃن،  بيمار کي اسپتال نٿا پھچائي سگھون، هنن چيو ته دانهون ڪري ٿڪجي پيا آھيون،  ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، تڪ جا چونڊيل نمائندا به نوٽيس نٿا وٺن ، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي هاڪڙي ڍوري جي پُل تعمير ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.