ڏوهارين سان رابطا، سنڌ پوليس جا 11 آفيسر ۽ اهلڪار معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ سنڌ پوليس جي 11 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
سنڌ پوليس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، معطل ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بي ڪمپني موڪليو ويو آهي، جن ۾ اوڀر زون جا 3 انسپيڪٽر ۽ 3 سب انسپيڪٽر شامل آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، گهوٽڪي ضلعي جو هڪ سب انسپيڪٽر، سي آءِ اي ۾ مقرر اي ايس آءِ ۽ سيڪيورٽي زون ٽو جو هيڊ ڪانسٽيبل شامل آهي.
ان کانسواءِ معطل ٿيندڙن ۾ ڏکڻ زون جو هيڊ ڪانسٽيبل، حيدرآباد جو ڪانسٽيبل ۽ هڪ هيڊ ڪانسٽيبل به شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.