باربيڊوس( ويب ڊيسڪ )ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي آل رائونڊر ڊيوائن براوو ڪيربيئن پريمئر ليگ ( سي پي ايل ) تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
براوو 2021 ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چيو هو جنهن کانپوءِ هو دنيا جي مختلف ليگز ۾ شرڪت ڪري رهيو هو.
ڊوائن براوو 2023 انڊين پريميئر ليگ تان به رٽائرمينٽ ورتي هئي ۽ هاڻ هن ويسٽ انڊيز جي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ڪيربيئن پريميئر ليگ ( سي پي ايل ) تان به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.
پنج ڀيرا سي پي ايل ٽرافي کٽڻ جو اعزاز ماڻيندڙ ويسٽ انڊين آل رائونڊر انسٽاگرام پوسٽ ذريعي سي پي ايل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ آل رائونڊر لکيو ته هي سفر انتهائي شاندار رهيو، سي پي ايل جو هلندڙ سيزن سندس آخري پروفيشنل ٽورنامينٽ آهي جيڪا هو پنهنجي هوم گرائونڊ کيڏي رهيو آهي.
ياد رهي ته ڊيوائن براوو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر آهي، 579 ميچن ۾ سندس وڪيٽن جو انگ 630 آهي، ان کانسواءِ هو ڇهه هزار نوَ سئو ستر رنسون پڻ ٺاهيون آهن.