گوگل پلي اسٽور استعمال ڪرڻ وارن لاءِ اهم خبر اچي وئي

ڪيئي ورهين تائين اينڊرائيڊ سمارٽ فون استعمال ڪندڙ ماڻهو پلي اسٽور ۾ هڪ وقت ۾ رڳو هڪ ايپ يا گيم انسٽال يا اَپ ڊيٽ ڪندا رهيا آهن.
اپريل 2024 ۾ گوگل طرفان هڪ ئي وقت ٻه ايپس انسٽال ڪرڻ جو آپشن متعارف ڪرايو ويو هو، سٺي خبر اِها آهي ته هاڻ گوگل خاموشي سان هڪ ٻي بهترين اَپ ڊيٽ ڪري ڇڏي آهي.
هاڻ گوگل ۾ هڪ ئي وقت ٽي ايپس يا گيمز انسٽال يا اَپ ڊيٽ ڪرڻ جو آپشن پلي اسٽور جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
جيڪڏهن اوهان ڊيوائس ۾ ٽن کان وڌيڪ ايپس جون اَپ ڊيٽس پينڊنگ ۾ آهن ته اَپ ڊيٽ آل تي ڪلڪ ڪندئو ته پلي اسٽور طرفان هڪ ئي وقت 3 ايپس يا گيمز کي اَپ ڊيٽ ڪيو ويندو.
اهڙي طرح سموريون ايپس انتهائي گهٽ وقت ۾ اَپ ڊيٽ ٿي وينديون ۽ واهپيدارن جو قيمتي وقت پڻ بچندو.
گوگل طرفان ان حوالي سان باظابطا اعلان ناهي ڪيو ويو پر نئين فيچر کي وڏي پيماني تي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.
جيڪڏهن هن وقت اوهان جي اينڊرائيڊ فون ۾ اِهو فيچر موجود ناهي ته ان تي پلي اسٽور جي نئين ورزن کي اَپ ڊيٽ ڪريو جنهن کانپوءِ ممڪن آهي ته اوهان کي به ان فيچر تائين پهچ ملي وڃي.
جيڪڏهن پوءِ به اِهو فيچر نظر نه اچي ته ڪجهه انتظار ڪريو ڇو ته گوگل طرفان گهڻي قدر نوان فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.