”دولت، شهرت، نشي ۽ عورت تباهه ڪري ڇڏيو“هني سنگهه جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور ڀارتي ريپر هني سنگهه نشي جي عادي بڻجڻ ۽ ذاتي زندگي جي لاهن چاڙهن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
هني سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر موسيقيءَ جي دنيا ۾ واپسي ڪري چڪو آهي پر هو اڪثر پنهنجي ذاتي زندگيءَ سبب خبرن ۾ رهندو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران نشي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کانپوءِ هني سنگهه نه رڳو ان معاملي تي تفصيلي روشني وڌي پر نوجوانن کي به منشيات کان پري رهڻ جون صلاحون ڏنيون.
هني سنگهه اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هو شهرت ملڻ کانپوءِ پنهنجي رستي تان ٿڙي ويو هو ۽ چرس پيئڻ لڳو جنهن سبب سندس ذاتي ۽ پروفيشنل تمام گهڻي متاثر ٿي.
اڳوڻي گهرواري سان لاڳاپن بابت هني سنگهه چيو ته 2011 ۾ شادي ٿي، نوَ ڏهه مهينا گڏ رهياسين ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ هيو پر ڪاميابي ملي تي واپس گهر نه موٽيس، سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو، دولت، شهرت، نشي ۽ عورت سبب خاندان کي نظر انداز ڪيو.
ياد رهي ته 2022 ۾ هني سنگهه ۽ سندس گهرواري شاليني تلوار وچ ۾ شادي جي 11 سالن کانپوءِ طلاق ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.