پاڻيءَ تي پهريون حق اسان جو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي سوال اُٿاريو آهي ته ارسا جو چيئرمين سنڌ مان ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟
سنڌ اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نثار کهڙي چيو ته 1991 ۾ پاڻي واري معاهدي تي پنجاب ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي نمائندن صحيحون ڪيون، جنهن کانپوءِ ارسا جوڙي وئي جنهن کي معاهدي تي عمل ڪرڻو هو ۽ طئي ٿيل تحت پاڻي جي ورڇ ٿيڻي هئي.
پ پ اڳواڻ چيو ته اسان آخري ڇيڙي تي آهيون انڪري پاڻي تي پهريون هڪ اسان جو آهي، سنڌ اسيمبلي پاڻي ورڇ بابت ٺهراءَ به پاس ڪيا آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ سوال اِهو اُٿي ٿو ته ارسا چيئرمين سنڌ مان ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ اجازت ڏني وڃي ته مان پنهنجي پاڻي جي ورڇ جو ٺهراءُ پيش ڪيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.