ڪو شڪ ناهي بنگلاديشي ٽيم سٺو کيڏي: جيسن گليسپي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي بنگلاديش سيريز ۾ سٺو کيڏيو آهي.
راولپنڊي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي راند بابت ڳالهائيندي جيسن گليسپي چيو ته ڪنڊيشنز ۽ پِچ کي ڏسندي ٻي ٽيسٽ لاءِ بالنگ ڪامبينيشن ٺاهيو.
هن چيو ته پهرين ٽيسٽ کي نظر ۾ رکندي ٻي ٽيسٽ لاءِ رانديگر سليڪٽ ڪيا، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي سيريز دوران بنگلاديش سٺو کيڏيو آهي.
قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته شاهين آفريدي ڪجهه شين تي ڪم ڪري رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته فاسٽ بالر مڪمل فٽ هجن ۽ ڪارڪردگي ڏيکارين.
جيسن گليسپي چيو ته شاهين آفريدي ٽنهي فارميٽس جو رانديگر آهي، اسان کي اهڙي ٽيم ٺاهڻي آهي جيڪا ڪنڊيشنز مطابق پنهنجي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري.
هيڊ ڪوچ اِهو به چيو ته مخصوص رانديگرن تي نه ٿو ڀاڙي سگهجي، ڄاڻو ٿا ته سٺي بالنگ نه ڪئي، اسان بهتر بالنگ ڪري سگهون ٿا، ان تي ڪو سوال ئي ناهي ته بنگلاديش سٺي ڪرڪيٽ کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.