اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف جاين تي اڄ وسڪاري جو امڪان آهي.
چار سپٽيمبر تائين بلوچستان ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ اڱاري ۽ اربع تي تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان گهميل هوائون بنگالي نار کان ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿينديون جنهن سبب اڄ شام کان اڱاري تائين اسلام آباد سميت پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات پوندي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو امڪان آهي ۽ چوماسي برساتن جي نئين اسپيل جي چار سپٽيمبر تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاوالدين، گجرات، گوجرانوالا، خوشاب ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سرگوڌا، ميانوالي، چنيوٽ، قصور، نارووال، ساهيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ به برسات جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، فيصل آباد، جهنگ ۽ ميانوالي، بهاولپور، بهاولنگر، خانپور، ڊيرا غازي خان، ملتان، ليا، راڄنپور ۽ رحيم يار خان ۾ به برساتن جو امڪان آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان ڪاٺيا موجب، پنجاب جي سمورن دريائن ۽ ندين نالن ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا نارمل سطح تي آهن، سنڌو درياهه، چناب، راوي، جهلم ۽ ستلج ۾ پاڻي جا وهڪرا نارمل سطح تي آهن.
You might also like