جڳ مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽِڪ ٽاڪ به پاڪستاني معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.
ان مقصد لاءِ ٽڪ ٽاڪ طرفان ڪراچي ۾ هڪ تقريب ورڪشاپ ٿيو جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي بااختيار بڻائڻ هو.
گرو وٿ ٽِڪ ٽاڪ (#GrowWithTikTok ) جي نالي سان ڪوٺايل ورڪشاپ ۾ اهڙن ماڻهن جي گروپ کي دعوت ڏني وئي جيڪي ٽڪ ٽاڪ ذريعي پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ جا خواهشمند آهن.
ورڪشاپ ۾ شريڪ ماڻهن کي ٽِڪ ٽاڪ جي اهڙن فيچرن مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي تربيت ڏني وئي جن ذريعي هو نوجوان آبادي سان جڙي پنهنجي شين يا خدمتن جي نمائش ڪري سگهن ٿا.
ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن کي طاقتور مواد تخليق ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم جي ٽولز، ناظرين کي مصروف رکڻ لاءِ بهترين طريقن ۽ ٽِڪ ٽاڪ ڪمپينز کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي سان روشناس ڪرايو.
ان کانسواءِ ورڪشاپ دوران حصو وٺندڙن کي ٽِڪ ٽاڪ جي ڪميونٽي گائيڊ لائنز، پليٽ فارم تي موجود سيفٽي فيچرز ۽ مواد کي ڪنٽرول ۾ رکڻ بابت عملي ڄاڻ فراهم ڪئي وئي.