افغانستان ۾ دهشتگردن کي اسپيشل پرمٽ: وڌيڪ ثبوت ظاهر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيڻ جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجبخارجي دهشتگردن جا اڳواڻ نور ولي ۽ مزاحم محسود افغانستان ۾ موجود آهن. دهشتگرد نور ولي ۽ مزاحم کي افغانستان ۾ رهائش لاءِ اسپيشل پرمٽ ڏني وئي آهي، نور ولي کي گاڏي ۽ هٿيارن سميت سرڪاري افغان ڪارڊ به جاري ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب نور ولي محسود کي 2005 ماڊل گاڏي ۽ 2 بندوقون رکڻ جي به اجازت آهي. دهشتگرد مزاحم کي به افغان عبوري حڪومت هٿيار ۽ گاڏي جي اجازت ڏني آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان عبوري حڪومت کي ان بابت ڄاڻ آهي، حڪومت سندن پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ سهولتڪاري ڪري رهي آهي، خارجين جا تربيتي مرڪز ۽ لاجسٽڪ بيس افغانستان ۾ موجود آهن. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته افغان عبوري حڪومت طرفان خارجين کي افغانستان جي بارڊر تي ملٽري پوسٽ سان رکيو ويو آهي، ضرورت پوڻ تي کين پاڪستان موڪليو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.