ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گارڊن ويسٽ جي رهائشي اپارٽمنٽ ويجهي ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪري پيا، علائقي واسين موجب، کوهه ۾ ڪرندڙن جي سڃاڻپ 8 ورهين جي نينگر بدر ۽ 12 سالن جو طلحه نالي سان ٿي آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هڪ نوجوان به ٻارن کي بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿو ۽ ڦاسي پيو، اختيارين موجب حادثي واري جاءِ تي ريسڪيو اهلڪار موجود آهن ۽ کوهه ۾ ٻڏي ويلن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.