لاهور(م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي جي بلن تي چند رپين جو گهٽتائي خيرات آهي، اسان کي خيرات نه پر پنهنجو حق گهرجي. لاهور ۾ جماعت اسلامي جي زير اهتمام ميٽرڪ پوزيشن هولڊر شاگردن جي اعزاز ۾ يوٿ ٽيلنٽ ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته منشيات ملڪ جي هر تعليمي اداري تائين پهچي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حالت پڙهيل لکيل ۽ جاهل ماڻهن خراب ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي سياست جو انداز تبديل ڪرڻو پوندو. پگھاردار طبقي جي پگهارن تي سخت ٽيڪس لڳائڻ منظور ناهي. جماعت اسلامي امير چيو ته هر دور ۾ آءِ پي پيز لڳايون ويون، 100 ميگاواٽ جو پلانٽ ڪاغذن ۾ 150 ميگاواٽ ڏيکاريو ويو.