ٺارو شاهه واسڻ ڳورهاري غلط انجيڪشن لڳڻ سبب اپاهج بڻجي وئي

ٺاروشاهه(عوامي آواز نيوز)ھڪ ھفتـو اڳ  ڳورھاري عورت فرحانا ڪلھوڙو  کي مبينا طور عطائي ڊاڪٽر پاران  غلط انجيڪشن ھڻڻ بعد عورت جي جسم ۾ زھر پکڙجي ويو، جڏهن ته اٺ  ڏينھن علاج  بعد ڳورھاري عـورت اپاھج بڻجي وئي آهي. نوابشاھ جي ڊاڪٽرن پاران جسم ۾ زھر ڦھلجڻ جي ڪري کيس فوري طور ڪراچي کڻي وڃڻ جو مشورو ريفر ليٽر ڏئي کيس علاج کان جواب  ڏئي ڇڏيو آهي. علاج جا پيسا نـ ھئڻ ڪري وارث عورت کي لاعلاج ڪري گھر کڻائي آيا. ھليٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پاران  عطائي ڊاڪٽر خلاف  ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم باوجود ڪيس دخل نه ٿي سگھيو آهي.  ٺاروشاھ جي ڪلھوڙا ڪالوني جي رھواسي پورھيت گلشير ڪلھوڙو  پنهنجي امڙ زبيدا ڪلھوڙو  ٻين سان احتجاج ڪندي دانھيندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر سندس گهر واري کي انجيڪشن لڳائي جنھن سبب سندس ٻانھن سُڄي وئي ۽ ھوء بيھوش ٿي وئي. ھنن چيو ته اسان انتھائي غريب آھيو گھر جو الھ تلھ کپائي وياج تي پيسا کڻي عورت جو علاج ڪرايو آھي ھاڻي اسان وٽ ايترا پيسا نـ آھن جو کيس ڪراچيء کڻائي وڃون. ھنن   سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي مطالبو ڪيو ته سندس زال جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.