سي پيڪ تحت قائم بجلي گهرن ۾ حد کان وڌيڪ منافعي جي نشاندهي

اسلام آباد(م ڊ) آءِ پي پيز خلاف جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن ۾  پاور پلانٽس ۾ حد کان وڌيڪ منافعي جي نشاندهي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز جي سينيئر عملدارن کي مختلف شهرن ۾ جاچ کانپوءِ اڄ اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي. انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز خلاف جاري جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي جڏهن ته جاچ ٽيم سي پيڪ تحت قائم پاور پلانٽس ۾ حد کان وڌيڪ منافعي جي نشاندهي ڪئي آهي. آءِ پي پيز کي وڏي پئماني تي ادائگي ۽ گنجائش جي ادائيگي جي معاملي تي حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي آءِ پي پيز جي مسئلن تي ٺوس قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. پاور ڊويزن ذريعن موجب جاچ ٽيم سي پيڪ تحت لڳل پاور پلانٽس ۾ وڌيڪ منافعي جي نشاندهي ڪئي آهي، وڌيڪ تفصيلن لاءِ 13 آءِ پي پيز مالڪن کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ پي پيز مالڪن کي مالياتي رپورٽ به گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز جي سينيئر عملدارن کيمختلف شهرن ۾ پڇا ڳاڇا کانپوءِ اسلام آباد گهرايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جو پاور ڊويزن بابت خاص مددگار محمد علي جاچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آءِ پي پيز مالڪن کان 2021ع ۾ ٿيڻ واري جاچ جي طرز تي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جاچ ٽيم جي بااثر ميمبرن کان به رڪارڊ گهري ورتو آهي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف پلانٽس جو دورو پڻ ڪيو. ذريعن موجب حڪومتي ٽيم چيني آءِ پي پيز کان رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندي، جڏهن ته حڪومتي پاور پلانٽس جي گنجائش جي ادائيگي ۽ منافعي ۾ گهٽتائي جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پاور ڊويزن آءِ پي پيز مالڪن کي طلب ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪميٽي گذريل ڏينهن ڪنهن به آءِ پي پيز مالڪ کي طلب ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.