ڪراچي (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته خير پور ضلعي ۾ هلندڙ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي تڪرار جو نبيرو 5 تاريخ منجهند جو 12 وڳي سکر ۾ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سندراڻي ۽ جاگيراڻي برادري جي سردار مير عابد خان سندراڻي، سردار معظم علي خان عباسي، نجف علي ڪماريو، مير شمشاد خان سندراڻي، سيد زمان شاھه راشدي ۽ سيد علي حيدر شاھه راشدي سولنگي برادري جي چڱي مڙس سائينداد سولنگي امداد سولنگي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويندو. اهڙي پڌرائي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي آھي، محاذ سربراهه رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سنڌ کي خوني جهيڙا تڪرار نٿا کپن پر سنڌ کي امن رواداري ۽ خوشحالي کپي ٿي، سنڌ جنهن ڏکي صورتحال مان گذري پئي اسان هر حال ۾ ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ مان جهيڙا ختم ٿين.