ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ)ميرپور ماٿيلي ۾ ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي رهائشي ڪالوني جي ڪوارٽر نمبر G189 ۾ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3
سيڪيورٽي اهلڪار ڪاشف وڙائچ پنهنجي زال مصباح سليم عمر 42 سال مٿان وحشياڻو تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عورت جي قتل کانپوءِ عورت جو لاش خفيه طريقي سان رحيم يار خان نيو ويو ته اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس گاڏي کي روڪي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو جتي عورت جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال جي اهم ذريعن موجب ته مقتول عورت تي تشدد جي نشانن سان گڏ سگريٽن جي ڏنڀ جا نشان پڻ آهن.