لاهور(گوهر بٽ) متحده باني الطاف حسين ڪراچي ۾ فسادن لاءِ سرگرم ٿي ويو، آڊيو وائرل ٿي وئي،ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ لاءِ الطاف حسين کي اشارو ملي ويو، ٽن منٽن واري آڊيو ۾ الطاف حسين اهو چوندي ٻڌو ويو ته بلوچن پنهنجي آزادي لاءِ بندوق کنئي آهي، انهن مان ڪجهه سکو،توهان به رياست سان وڙهو، ساڻس ڳالهائيندڙ شخص چئي ٿو ته الطاف ڀائي! کليل نموني ٻڌايو ته ڇا ٿا چاهيو؟ ذريعن موجب معاشي حب ڪراچي جو سڪون ڦٽائڻ لاءِ الطاف حسين کي وري ايڪٽو ڪيو پيو وڃي، چين سان معاملا بهتر ٿيڻ ۽ سي پيڪ تي ڪم شروع ٿيڻ بعد آمريڪا کي ڦڦڙيون لڳي ويون آهن، پهرين آمريڪي ڪانگريس مان ٺهراءَ منظور ڪيا ويا،وري ٽي ٽي پي ڪي پي ۾ ۽ بلوچستان ۾ ويڙهاڪن حملا شروع ڪري ڏنا،اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ويٺل ڪجهه ”دانشورن“ به رڙيون شروع ڪري ڇڏيون