اسلام آباد (م ڊ)اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد کي 40 لک رپيا ماهوار پگهار ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪا اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کان 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جنهن کي 25 لک رپيا پگهار ڏني ويندي هئي. هڪ خانگي ويب سائيٽ موجب قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ جي موجوده گورنر جي پگهار گذريل گورنر جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 لک رپيا وڌيڪ آهي. جميل احمد جي پئڪيج ۾ رينٽل الائونس، گهر جي سار سنڀال ۽ فرنشننگ، ٻه گاڏيون، هر هڪ کي 600 ليٽر پيٽرول مفت ۽ گهر ۾ 18 هزار رپين جي پگهار وارا چار ملازم رکڻ جي اجازت هوندي. بئنڪ گورنر جا يوٽلٽي بل، تفريحي ۽ موبائل فون جا خرچ پڻ ادا ڪري ٿي. جڏهن ته ٻارن جي تعليم جي خرچن جو 75 سيڪڙو، مڪمل علاج مفت طبي، ايئر لائن جون ٽڪيٽون، ڪلب جي ميمبر شپ ۽ سڪيورٽي خرچ به بئنڪ ادا ڪندي آهي.
 
			