دوائن جي ڪمپنين کي ڇوٽ، ڇهن مهينن ۾ 22 سيڪڙو وڌيڪ ڪمائي

اسلام آباد(م ڊ) دوائن جي قيمتن تي حڪومتي ڪنٽرول ختم ٿيڻ سان دوا ساز ڪمپنيون بي لغام بڻجي مالدار ٿي ويون آهن.  هيلٿ ڪيئر اينالائٽيڪل فرم موجب قيمتن ۾ اضافو حڪومت طرفان غير ضروري دوائن تي قيمت ڪنٽرول ختم ڪرڻ کانپوءِ ٿيو. دوائن جي قيمتن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ۽ وڪري ۾ 5 سيڪڙو واڌ سبب ڊرگ ڪمپنين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو وڌيڪ منافعو حاصل ڪيو.حڪومت فيبروري 2024ع ۾ 146 ضروري دوائن جي قيمتن ۾ به واڌ ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.