رت جي رشتن مان ويساهه کڄي ويو،دولتپور ۾ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل

دولتپورصفن (  ن ع آ) دولتپورصفن ڀرسان کڙ جي ڳوٺ غلام حيدر زرداري ۾ زمين مان گاھه لڙهڻ تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، 25  ورهين جي ننڍي ڀاءُ شمن زرداري پنهنجي وڏي ڀاءُ 35 ورهين جي اعجاز پٽ علي نواز زرداري کي پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، گهر ۾ رڙيون پئجي ويون، شمن زرداري پنهنجي وڏي ڀاءُ کي پسٽل جو فائر ڪري گولي هڻي فرار ٿي ويو، هوڏانهن دولتپور صفن ٿاڻي جا اهلڪار اسپتال پهتا، جڏهن ته ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو آهي. هوڏانهن دولتپورصفن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن پر هن مهل تائين نه جوابدار گرفتار ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪيس وغيره داخل ٿيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.