رپورٽنگ ڪرڻ تان عوامي آواز ڪلوئي جي رپورٽر تي جڙتو ڪيس داخل

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) هاڪڙي پُراڻن ۽ ايل بي او ڊي جي منصوبي تي ٿيندڙ ڪرپشن ۽ تعليم جي تباهي توڙي بند پيل  اسڪولن تي مسلسل رپورٽنگ ڪندڙ عوامي آواز تعلقي ڪلوئي جي رپورٽر نواز لُنڊ تي مولوي رمضان لُنڊ پاران عدالت ۾ ڌمڪين جي درخواست داخل ڪرائڻ بعد ڪلوئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن کانپوءِ نواز لنڊ غير محفوظ بڻيل آهي ۽ کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن. رابطي ڪرڻ تي نواز لُنڊ ٻُڌايو ته رپورٽنگ ڪرڻ تان ڀوتارن جي چرچ تي مولوي رمضان لُنڊ جڙتو ڪيس داخل ڪرايو آهي، منهنجو ڏوھ ايترو آهي ته مون ڪلوئي تعلقي ۾ حق ۽ سچ لکڻ جي شروعات ڪئي آهي،  هن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد مونکي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ عدالت ۾ ضمانت لاءِ به پهچڻ نه ٿو ڏنو وڃي، پوليس ونگار وهي رهي آهي، آئون پنهنجي خاندان سميت غيرمحفوظ آهيان، سيشن جج ٿرپارڪر کان انصاف جو مطالبو ڪريان ٿو صحافتي تنظيمون معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪري مونسان انصاف ڪن. هن ٻڌايو ته تازو هن ھاڪڙو ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جي حوالي سان رپورٽنگ ڪئي انهيءَ معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مون خلاف مولوي رمضان لنڊ کي استعمال ڪيو ويو آهي هن چيو ته مونکي مولوي رمضان لنڊ مان جاني خطرو آهي جيڪو ڪنهن به وقت جاني نقصان پهچائي سگهي ٿو جنهن ڪري مونکي تحفظ ڏئي مولوي رمضان لنڊ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. صحافين نواز لنڊ تي داخل ڪيس کي صحافت تي وار قرار ڏيندي ايس ايس پي کي جاچ ڪري صحافي سان انصاف جي گهر ڪئي آهي. صحافين سيشن جج صاحب کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحافي سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.