بلوچستان ۾ سرائيڪي ڳالهائيندڙن جي قتل خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو سرائيڪيٻولي ڳالهائيندڙ پورهيتن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي سرائيڪي رائٽس موومنٽ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ پورهيتن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پنجابين جي نالي تي سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ پورهيتن جو قتل بند ٿيڻ گهرجي، بلوچستان  جي سرزمين تي قتل ڪيل سرائيڪي پورهيتن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، سرائيڪي قوم به مظلوم قوم آهي، سرائيڪين کي به حق نه ملي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.