ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.