اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي جو چوڻ آهي ته پارٽي جي سينيئر قيادت مسلم ليگ ن سان نه ڪي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ نه ئي ڪرڻ چاهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات جي حوالي سان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر علي چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين واري عمل تي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪوبه ايم اين اي ن ليگ قيادت يا اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ رابطي ۾ ناهي. قومي اسيمبلي جي ڪارروائي سميت مختلف معاملن تي اسپيڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پي ٽي آءِ نه ته ڳالهين جي آڇ ڪئي ۽ نه ئي ڪو سهڪار گهريو.
- 
پروفيسر رياض ترقي پسند دانشور،ناانصافين خلاف بي باڪ موقف رکندڙ
اسلام آباد(عمر چيما) ڪراچي يونيورسٽي جو پروفيسر رياض ايماندار قسم جو ماڻهو آهي، هو ترقي پسند نظريو رکي ٿو،سينيڊيڪيٽ جي اجلاس کان اڳ کيس بهادر پوليس کنڀي وئي، جسٽس طارق محمود جهانگيري جو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ويندو جنهن کانپوءِ سندس مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو، طارق محمود جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انهن ڇهن ججن مان هڪ آهي جنهن ايجنسين جي عدليه جي معاملن ۾ مداخلت تي خط لکيو هو جنهن بعد هن جون به ڪمزوريون ڳولڻ لاءِ ادارا حرڪت ۾ اچي ويا،
- 
ذلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي تياري، نيب پاران احتساب عدالت ۾ درخواست داخل
اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو راولپنڊي تحريڪ انصاف اڳواڻ ذلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب عمران خان، بشرا بي بي، فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر کان علاوه ذلفي بخاري به 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نامزد آهي، جڏهن ته فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر وانگر ذلفي بخاري به ڪيس ۾ پيش نه ٿيو. جنهن سبب نيب راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ ذلفي بخاري جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ذلفي بخاري کي عدالت اشتهاري قرار ڏنو آهي، جنهن جي بنياد تي ذلفي بخاري جي اسلام آباد ۾ موجود 34 ڪنال ۽ اٽڪ ۾ 1300 ڪنال زمين ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
 
			