ڪراچي (م ڊ)ڪراچي يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ آن فيئر مينز ڪميٽي (يو ايف ايم) جي سفارش تي هڪ اميدوار جي ڊگري ۽ داخلا رد ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو اميدوار هاءِ ڪورٽ جو جج آهي. ”ڊان ڊاٽ ڪام“ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهو فيصلو تعليمي ماهر ۽ سنڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر رياض احمد جي گرفتاري کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ ٿيو، جنهن کي پوليس پاران اهم اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ جي ڪوشش طور کنڀيو ويو. يونيورسٽي جي اپلائيڊ ڪيمسٽري ڊپارٽمنٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر رياض کي سنڊيڪيٽ طرفان ڊگري رد ڪرڻ واري فيصلي بعد آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر رياض آزاديءَ کانپوءِ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي هڪ وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس طارق محمود جهانگيري ڊگري ڪيس ۾ ملوث هو. سنڊيڪيٽ جو اجلاس ڇنڇر جي منجهند تي ٿيڻو هو، ڊاڪٽر رياض دعويٰ ڪئي ته 40 سالن کانپوءِ جج جي قانون واري ڊگري بابت ڪيس بابت ايجنڊا آئٽم تي اعتراض ڪيو هو. هن چيو ته کيس ٽيپو سلطان روڊ تان اڍائي وڳي ان وقت کنڀيو ويو، جڏهن هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. بعد ۾ سنڊيڪيٽ جو اجلاس ڊاڪٽر رياض کانسواءِ ٿيو، جنهن ۾ ڊگري رد ڪرڻ سميت ٻين فيصلن جي منظوري ڏني وئي. ڪراچي يونيورسٽي جي پريس رليز موجب ميمبرن يو ايف ايم ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني، جنهن ۾ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث اميدوارن جون ڊگريون ۽ انرولمينٽ ڪارڊ رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. پريس رليز ۾ ڪنهن به اميدوار جو نالو نه هو. ياد رهي ته ٻه مهينا اڳ سوشل ميڊيا تي جسٽس طارق جهانگيري جي قانون جي ڊگري بابت هڪ خط گردش ڪرڻ لڳو هو. جنهن ۾ چيو ويو ته اميدوار طارق محمود 1991ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري انرولمنٽ نمبر 5968 تحت حاصل ڪئي. جڏهن ته امتياز احمد 1987ع ۾ ساڳئي انرولمنٽ نمبر تحت داخلا ورتي، جڏهن ته ايل ايل بي پارٽ ون جو ٽرانسڪرپٽ طارق جهانگيري جي نالي سان جاري ڪيو ويو. ان کان علاوه، طارق محمود اينرولمنٽ نمبر 7124 تحت ايل ايل بي پارٽ ون لاءِ داخلا ورتي. ان خط ۾ سندس ڊگري کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو هو. واضح رهي ته جسٽس جهانگيري انهن ڇهن ججن ۾ شامل آهي، جن سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪندي ڳجهن ادارن تي عدالتي معاملن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو هو.
 
			