پي ٽي آءِ سميت سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين ڳالهين جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.  سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سياستدانن جون پاڻ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، وزيراعظم شهباز شريف کي سياسي پارٽين سان ٿيل ڳالهين جي سربراهي ڪرڻ گهرجي، اوهان ڪنهن اڳواڻ سان اختلاف ڪري سگهو ٿا پر پاڪستان سان اختلاف نٿا ڪري سگهو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب  ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته وزيراعظم ڪوبه فيصلو ڪندو ته نيشنل سيڪيورٽي ۽ قومي معاملن تي انهي جو ساٿ ڏينداسين، ون پوائنٽ ايجنڊا تي ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ لاءِ سمورين پارٽين کي اختلاف وساري هڪ ٿيڻو پوندو. يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ڳالهيون ڪيون آهن، اسان اپوزيشن ۾ نواز شريف سان ڳالهيون ڪيون ۽ چارٽر آف ڊيمو ڪريسي تي صحيحون ڪيون. هن وقت ٽيم جو ڪپتان شهباز شريف آهي انهي کي فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ اڳيان وڌڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته نوجوان ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه اچن پاڪستان آهي ته اوهان جي عزت آهي، مولانا فضل الرحمان سان پراڻا لاڳاپا آهن هو بزرگ سياستدان آهي اسان چاهيون ٿا ته گڏجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريون، هن چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پاڪستان ڪنهن سان به جهيڙو نٿو چاهي پر پاڪستان تي ڪنهن به قسم جو حملو ٿيو ته قوم انهي جو گڏجي جواب ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.