جسٽس جهانگيري جو معاملو سينڊيڪيٽ ميٽنگ ۾ طئي ٿيڻو هو: پروفيسر رياض احمد

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر رياض احمد جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ميٽنگ ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج بابت انفيئر مينز جي ڪارروائي پيش ٿيڻي هئي. ان ڪارروائي بابت ڪاغذن ۾ وڌيڪ ڪجهه لکيل نه هو، مون لکيو هو ته ٽيچر سوسائٽي ۽ سينڊيڪيٽ ميمبرن کي آواز اٿارڻ گهرجي ته يونيورسٽي تي دٻاءُ وجهي غيرقانوني ڪم ورتا پيا وڃن ۽ يونيورسٽي کي تباهه ڪيو پيو وڃي. مان ڏيڍ وڳي گهران نڪتس ته ٽن گاڏين اڳيان روڪي مون کي ٿاڻن تي بند رکيو ۽ تيستائين ٿاڻن تي رکيو ويو جيستائين سينڊيڪيٽ ميٽنگ ختم نٿي ٿي وڃي. رياست هاڻي ڪراچي ۾ سينيڊيڪيٽ جي ميٽنگ مان هڪ ماڻهو جي شرڪت کي روڪرائي ٿي ته جيئن جسٽس جهانگيري جي ڪيس ۾ هو اثرانداز نه ٿئي. جسٽس جهانگيري تي ڪراچي مان ايل ايل بي جي جعلي ڊگري جو ڪيس سينڊيڪيٽ ۾ هو جنهن تي کيس پيش ٿيڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.