اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومت جي رائيٽ سيزنگ ڪميٽي ڊاڪٽر قيصر بنگالي جي راءِ ۽ تجويزن جو قدر ڪري ٿي. هن رائيٽ سيزنگ ڪميٽيءَ جي هڪ معزز ميمبر جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ڏني، لڳي ٿو ته هن جي راءِ جو بنياد رابطي يا سمجهه جي کوٽ تي آهي. حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته رائيٽ سيزنگ جي مشق جي پهرين مرحلي ۾ 6 وزارتن ۽ ادارن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي جي تازي منظور ڪيل سفارشن تي ڊاڪٽر قيصر جي راءِ ظاهر ٿئي ٿي ته ڪميونيڪيشن جي کوٽ آهي، جنهن جي ڪابينا کان منظوري ورتي وئي رائيٽ سيزنگ ڪميٽي جون سفارشون واضح ڪيون پيون وڃن. حڪومتي ترجمان جو چوڻ هو ته رڳو گريڊ هڪ کان 16 تائين نه پر گريڊ هڪ کان 22 تائين جون سموريون سرڪاري پوسٽون رائٽ سيز ۾ آهن، 60 هزار پوسٽون سرپلس ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين جون پوسٽون به شامل آهن. ترجمان موجب ڪميٽي هن وقت تائين پهرين مرحلي ۾ 6 وزارتن جو جائزو ورتو آهي، هڪ وزارت کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻن وزارتن کي ضم ڪيو پيو وڃي. ان جو مطلب اهو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 2 بي ايس 22 جون پوسٽون ۽ بي ايس 17 کان 21 جون ڪيتريون ئي پوسٽون ختم ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان انهن گريڊن ۾ آفيسرن جو اضافو ٿيندو، ترجمان چيو. حڪومتي ترجمان موجب حڪومت سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ ضروري ترميمن سان گڏ لازمي ريٽائرمينٽ پيڪيج تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو سڀني سرڪاري ملازمن تي بغير ڪنهن رعايت ۽ ترجيح جي لاڳو هوندو. ترجمان چيو ته رائٽ سائزنگ ڪميٽي واضح معيارن موجب وزارتن ۽ لاڳاپيل کاتن جو جائزو وٺي رهي آهي، ڪميٽي آزاد ادارن ۽ سرڪاري ادارن جو جامع ۽ غيرجانبدار جائزو وٺي رهي آهي.