پگهارون وڌايو“ ڪراچي ۾ ٽيڪسٽائل ڪمپني ملازمن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو آل ڪراچي ٽيڪسٽائل ڪمپني جي ڪانٽريڪٽ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ محمد  رميز جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ عورت توڙي مرد ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز نصير چيو ته مغربي برانڊ ۽ لوڪل ڪنسلٽنٽ جي ملي ڀڳت سبب مزدورن جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ۽ فيڪٽري ورڪرز پنهنجن حقن کان محروم ۽ پريشان آهن. 3 سالن کان بجيٽ ۾ پگهارون وڌائڻ باوجود اسان جي پگهارن ۾ واڌ نه ڪئي پئي وڃي، هن وقت حڪومت پاران اعلان ڪيل ملازمن جي پگهار 37 هزار رپيا آهي پر اسان کي 18 کان 20 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.