سامونڊي طوفان اسنيٰ تھ رخ تبديل ڪري ويو آھي، پر ھيل پيل برساتن بعد سنڌ ۾ راوجي زندگيءَ اڃان بحال نھ ٿي آھي.نھ رڳو اھو پر ھاڻوڪي مينھوڳي واري مند ۾ مختلف ھنڌن تي پيل گھارن عوام جي مسئلن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي.جنھن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪوشش اٽي ۾ لوڻ برابر آھي.
سمنڊ ۾ اٿندڙ طوفان اسنيٰ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کان پري ٿي ويو.ھاڻي ان جو رخ بلوچستان طرف آھي، موسميات کاتي موجب طوفان عربي سمنڊ جي اوڀر اولهه ۾ موجود آهي ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ڏانهن وڌندي طوفان امڪاني طور ان جو رخ عمان طرف ٿيندو.ماھرن مطابق طوفان جو ڪنهن به سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان ناهي ۽ سمنڊ ۾ ئي ڪمزور ٿي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، هوا جو دٻاءُ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي چڪو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هي سسٽم ھندستاني گجرات ۽ راجستان تي اثر انداز ٿيندو جڏهن ته ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ هي سسٽم اوڀر سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي طوفان جي اثرن جي اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو.
برسات ۽ تيز هوائن سبب سنڌ جي مختلف علائقن گھارا پيا آھن، جنھن سان اتي جي عوام جي تڪليف ٻيڻي ٿي وئي آھي.ڊگهڙي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات ڪيترائي ڪچا، پڪا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، تعلقي جا سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن، ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان هڪ ٻارڙي دٻجي زخمي ٿي پئي،ڪانگڻي موري ڀرسان سم نالي کي لڳل گهاري سبب ڏھ کان وڌيڪ ڳوٺن، جن ۾ مير احمد خان ٽالپور ڳوٺ ڪلوئي برادري جا ڳوٺ جروار برادري جا ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا.وارھ جي جابلو پٽي ۾ زبردست برسات بعد نئيون وھي حمل ڍنڍ ۾ پهتيون، جڏهن ته بلوچستان کان آيل برساتي پاڻي پڻ حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي، يوسي ميرپور، يوسي حمل ۽ گاجي کهاوڙ ۾ ڪافي نقصان ٿيو، علائقي جي ڳوٺن ۾ ٽي ،ٽي فوٽ پاڻي بيھي رھيو، تازين برساتن مٽياري ضلعي ۾ مجموعي طور تي 250 ملي ميٽر برسات پئي، جنھن سان اڪثر شھر ۽ ڳوٺ برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، ضلعي انتظاميا مطابق برسات سبب ضلعي ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن سبب 4 ماڻھو فوت ۽ 7 زخمي ٿيا ۽ 521 گھرن کي مڪمل ۽ جزوي نقصان پھتو.
سجاول ضلعي جي ساحلي شھر جاتي سميت سامونڊي پٽي ۾ برسات سبب متاثرن جا سور سوايا ٿي ويا، جاتي جي يونين ڪائونسل ڪڙ ملڪ جي ڳوٺ بوهڙ، امين موري، سڪندر ڌاندل، لونگ ابڙو، عبدالعزيز ٿهيم، اجو مل ميگهواڙ، موسيٰ ملاح، ڪلڪان ڇاڻي جي ڳوٺ ارباب پاندي ٿهيم، حاجي ڏونگر جت، مسلم ٿهيم، حاجي جمعون ٿهيم، ڊيرن جو ڳوٺ راڄا ڳوٺ، مامون ڀاڏائي، بيگ ڀاڏائي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا. ٻي طرف برسات سبب ست ڏينهن کان ڪري پيل پندرنهن کان مٿي بجلي جا ٿنڀا لڳي نه سگهيا.بوهڙ ڳوٺ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي متاثر ٿيل خاندانن پاران سرڪاري اسڪولن ۾ پناھ وٺندڙ سوين خاندان بي يارو مددگار ويٺل آهن. انتظاميان سندن سار نه لڌي آهي.
ميرپورخاص ضلع ۾ طوفاني برساتن بعد لکين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين، ڪمند، چانور، مرچ، بصر سميت مختلف قسم جا 80 سيڪڙو کان وڌيڪ فصل تباهه ٿي ويا ۽ ڪافي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. هزارين متاثر ٿيل ماڻھو چوپايو مال سان مختلف مک روڊن ۽ لنڪ روڊن تي نڪري آيا آھن. جيڪي کليل آسمان هيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آهن.شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو ۽ بجلي به مڪمل بحال نه ٿي سگھي.
ٻئي طرف سنڌو درياهه ۾ چاڙھ سبب گمبٽ جو ڪچو ٻڏي ويو، راضيديرو رپڙي بھارو جي ڪچي سميت سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، ٻوڏ جي وھڪرن سبب ڳوٺ لعل ڪنڀر واسي محبوب ڪنڀر ۽ ڳوٺ صادق ڪلھوڙو واسي عبدالستار ڪلھوڙو ٻڏي فوت ٿي ويا. سنڌ ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪاري سبب واهن، شاخن ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ جو سلسلو جاري آهي.بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڪارو گونگڙو سم نالي کي ڳوٺ علي محمد کوکر وٽان 15 فوٽ گهارو پيو.جنھن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا، پاڻي ڳوٺ علي محمد کوکر ۾ داخل ٿي ويو.گولاڙچي ويجهو ڳوٺ مٺو ميمڻ وٽان امير شاهه سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، گهاري سبب 25 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.ڳوٺ فيض محمد سميجو وٽان شاخ کي لڳل گهارو به وڌي 70 فوٽ ٿي ويو، شير واهه ۽ بهادر واهه جا گهارا ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪري ڇڏيا.ٻئي طرف ماتلي ويجهو ڦليلي واهه مان نڪرندڙ مراد واهه کي آر ڊي 58 وٽان گهرو لڳڻ سبب ڳوٺ مجنون کوسو، الله بخش کوسو ۽ بشام کوسو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو.
عام طور تي برسات شروع ٿيڻ سان ئي آبپاشي کاتو، ڪئنالن، واھن ۽ شاخن ۾ داخل ٿيڻ واري منھن وٽان پاڻي کي بند ڪري ڇڏيندو آھي.جنھن سان واھن ۾ پاڻي جو ڀرا نھ ٿيندو آھي ۽ برسات جي ڪري ڪمزور ٿيل بندن کي نقصان کان بچاءَ ٿي ويندو آھي.پر سنڌ ۾ واھن ۽ شاخن کي گھارن پوڻ مان لڳي ٿو تھ کاتي جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪوتاھي ٿي رھي آھي.برسات جي ڪري رواجي زندگيءَ متاثر ٿئي ٿي، جنھن جو وڌيڪ اثر بي پھچ ۽ غريب غربي تي پوي ٿو، ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مڪاني ادارن جي موجود ھجڻ باوجود ھر ھنڌان اھا دانھن ايندي رھي ٿي تھ اتي جي شھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھي رھيو آھي ۽ ماڻھن کي ڪم ڪار يا ڪنھن ايمرجنسي ۾ نڪرڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.
حڪومت کي مٿي ذڪر ڪيل ٻھراڙي جي ماڻھن کي مينھوڳي ۾ رسندڙ تڪليف دور ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ھدايت ڏئي ۽ مانيٽرنگ ڪرڻ گھرجي جئين عوام کي امڪاني طور تي وڌيڪ تڪليفن کان بچائي سگھجي.