هڪ صدي اڳ بادشاهه ۽ سندس فيمينسٽ راڻي افغانستان کي جديد رياست بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جيڪا ناڪام رھي، بلڪھ هاڻي افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سندن ڪوششن جي بلڪل ابتڙ آهي.قديم وچولي دور ڏانھن جھڪاءُ رکندڙ ھاڻوڪن حڪمرانن پاران ٻھ هفتا اڳ ڪيل فيصلن کي عقيدي تي ٻڌل قرار ڏنو ويو، پر پر حقيقت ۾ اهي ظلم سان جڙيل ”اخلاقي قانون“ آھي، جنھن ۾ سندن مدي خارج سوچ جي جھلڪ ظاهر ٿئي ٿي.
امير امان الله 1919 ۾ ٽين اينگلو- افغان جنگ ۾ اهم فتح حاصل ڪري، ڪابل جو تخت سنڀاليو ھو.( سندس ڪاميابي سان انھيءَ سال آگسٽ ۾ راولپنڊي ۾ امن معاھدو ٿيو ھو ۽ افغان پرڏيھي معاملن ۾ برطانيا جي اثررسوخ کي ختم ڪيو ويو ۽ڊريونڊ لائن قائم ڪئي وئي) امير امان الله ۽ سندس راڻي ثريا هڪ سڌاري پروگرام شروع ڪيو، جنهن تعيلم خاص ڪري نياڻين جي تعليم سميت زندگي جي مختلف پهلوئن تي ڌيان ڏنو ويو. هن زميني سڌارن، عورتن جي پردي ۽ مردن جي ڏاڙهيءَ رکڻ جي پابندي کي بھ نرم ڪيو.
تازو طالبان حڪومت نياڻين جي تعليم تي باقاعدا پابندي جو اعلان ڪيو ۽ انهن جي ٻاهر نڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي، تھ اھي ٻاھر نظر نھ اچن ۽ انھن جو آواز ٻڌي نھ سگھجي. (ڇاڪاڻ ته انهن جو آواز ظاهري طور تي طالبان لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو). هنن مردن لاءِ ڏاڙهي جي مخصوص ڊيگھھ پڻ ٻڌائي، جنهن تي عمل ڪرڻ انهن لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.سواءِ ايران جي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن حجاب جي سخت قانونن ۽ ان بابت پنھنجي جنوني ڪارروائين جي حوالي سان نمايان ھوندو آھي، ڪنهن ٻئي مسلمان ملڪ ۾ اھڙا سخت قانون لاڳو نھ آھن، جنھن جي روش طالبان اختيار ڪئي آھي.خير، طالبان ان عنصر کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪن ٿا. تازو ئي طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد امت مسلمه کي تجويز ڏني تھ اھا طالبان جي ”شريعت تي ٻڌل نظام“ کان ”متاثر“ ٿين. پاڪستان شايد واحد مسلمان ملڪ آهي جنهن جي ان کان متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.
اها حقيقت آهي ته طالبان 30 سال اڳ سعودي ۽ آمريڪي فنڊنگ سان پاڪستان جي اتر مرڪزي علائقن ۾ مدرسن ۾ وجود ۾ آيا ۽ انهن جي ابتدائي فتح سوويت يونين جي نڪرڻ بعد ڀڃ ڊاھ جي شڪار افغانستان ۾ حاصل ٿي، جتي مجاهدن وچ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي جنگ ٿي (جنهن ۾ مبينا طور تي انھن کي ٽنهي ملڪن جي سرپرستي حاصل هئي) مجاهدن جي موجودھ دور ۾ ”ايجنسيز“ جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ عنصر امداد ڪئي جڏھن تھ اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف حميد گل انھن جي رھنمائي ڪئي.اھا گھڻي تعجب جي ڳالهه ناهي ته ڪيترائي جلاوطن افغان شھري، طالبان جي ٻيهر اٿڻ ۽ ٻئي ڀيري اقتدار ۾ اچڻ جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏين ٿا.ايتري تائين جو اھي ماڻھو جيڪي موجوده طالبان حڪومت جي حمايت ڪن ٿا اھي به پاڪستان لاءِ نرم موقف نٿا رکن.
نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾2021ع ۾ اقتدار حاصل ڪندڙ طالبان حڪومت ٽن سالن جي جشن تي، هڪ نوجوان ’جهاد جاري رکڻ‘ جي عزم اظهار ڪيو ۽ چيو ته ’مان فلسطين وڃڻ چاهيان ٿو‘، پر ان کان ننڍي عمر جي ھڪ طالب ڇوڪري چيو تھ ”نه، هاڻي پاڪستان جو وارو آهي. اسان جو پهريون دشمن پاڪستان آهي“.گذريل ٻن ڏهاڪن کان اسان ان جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون ۽ طالبان جي سڌيءَ طرح مداخلت جي شايد ضرورت ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ موجود انتهاپسند ڪافي حد تائين ان مقصد ۾ ڪامياب آهن.
افغانستان جي نئين اخلاقي قانونن تي تعجب جو لفظ درست ناهي، بلڪھ ان فيصلي سان تھ ماڻھن کي صدمو ٿيو آھي. اهي قانون تبليغ واري وزارت کي وڌيڪ اختيار ڏين ٿا.طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده هلندڙ سال چيو ھو ته ”توهان انھن کي عورتن جي حقن جي خلاف ورزي چئي سگهو ٿا، جڏهن اسان انهن کي زنا ڪرڻ تي سرعام سنگسار ڪريون ٿا يا ڪوڙا هڻيون ٿا. پر تون پاڻ شيطان جي نمائندگي ڪريو ٿا ؟
ھي مرد گهنگارن جو ڪو به ذڪر ناهي. اونچي آواز ۾ ڳالهائڻ، ڳائڻ ۽ تلاوت ڪرڻ جي تازي پابندي پڻ عورتن تائين محدود آهن. اهڙن قانونن انھن مختلف تنظيمن کي واضح طور مڇرايو آهي جيڪي اڃا تائين ڪنهن حد تائين افغانستان ۾ سرگرم آهن. بهرحال، دي گارجين هن مهيني جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته هڪ امدادي ڪارڪن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو. سرگرم ڪارڪن چيو ته امداد جاري رهڻ گهرجي ته جيئن هو ۽ هن جا ساٿي انهن عورتن جي مدد ڪري سگهن جن کي افغانستان ۾ ذهني صحت جي چئلينجن جي حقيقي وبا ۾ مدد جي اشد ضرورت آهي.
20 صدي جي شروعات ۾، امير امان الله نيڪ نيتيءَ سان سڌارا شروع ڪيا، پر اهي بھتر طريقي سان ڊزائين نھ ڪيا ويا ھئا، جنهن ڪري 1924ع ۾ خوست ۾ ان کي شديد ردعمل کي منھن ڏيڻو پيو ۽ سندس تختو اونڌو ٿيو، جڏهن ته 5 سالن بعد کيس جلاوطن ڪيو ويو.بعد ۾ انتهاپسند راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون، جن ۾ 1978ع ۾ ’ثور انقلاب‘ ۽ جمود ٽوڙڻ جي سوويت ۽ آمريڪي ڪوششون شامل آهن، پر صورتحال تبديل نه ٿي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان سوويت يونين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان تعاون ڪيو، بعد ۾ پاڪستان جي پنهنجي اسٽريٽجڪ مفادن ناڪاري ڪردار ادا ڪيو.
انهن پٺتي پيل قدمن جي امڪاني نتيجن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. عورتون انھن قدمن جون نتيجو ڀوڳي رهيون آهن، پر طالبان کان لاتعلق مرد به ان جو شڪار ٿين ٿا. ٻئي طرف پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان انھن نقصانن کي برداشت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.