ڪامريڊ عاصم آخوند 6 مئي 1975 تي حيدرآباد جي هڪ علمي آخوند خاندان ۾ جنم ورتو، سندس والد لياقت آخوند تعلقي حيدرآباد جو هڪ خوشحال ننڍو زميندار هو. سندس والده زينت آخوند هڪ گهريلو عورت سان گڏ علم دوست، ادب دوست ۽ موسيقي جي هڪ تمام وڏي چاهيندڙ پنهنجي وطن سان بيحد محبت ڪندڙ باشعور هئي، جيڪا هن وقت به حال حيات آھي. آخوند اصل ۾ مٽياري جا هئا جيڪي پوءِ لڏي اچي حيدرآباد شھر ۾ رهائش پذير ٿيا. عاصم جو نانو آخوند فضل صديق سنڌي ٻولي جو ڀلوڙ شاعر هو، جنهن پنهنجي زمين تي هڪ ڳوٺ قائم ڪيو، جيڪو تعلقي حيدرآباد جي يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي ۾ واڻڪي وسي لڳ آخوند فضل صديق جو بنگلو جي نالي سان مشهور آھي.
عاصم آخوند پنهنجي ناناڻي علائقي ۾ فڪري ڪم سان گڏ تعليمي ڪم به ڪيو، واڻڪي وسي ۾ لائبريري جو قيام، علمي ادبي ڪچهرين جو سلسلو سموري يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي ۾ ڦھليل هيو. عاصم نوجوانن کي اديبن سان ملائڻ سائين ابراهيم جويو نجم عباسي رسول بخش پليجو حيدرعلي لغاري ساڍين گل عرساڻي فلسفي جو استاد سائين جاويد ڀٽو هنن سان ڪچهريون فڪري نشستون عاصم آخوند جو مشن هوندو هو. مسو ڀرڳڙي پريس ڪلب جي دوستن کي همٿائڻ انهن سان ڪچهريون ڪرڻ به سندس جدوجهد جو حصو هو. مطلب ته هو هڪ طرف فلسفي تي اعليٰ سطح تي ڪم ڪري رهيو هو ته ٻئي طرف عام ماڻھن سان به جڙيل هيو، هو ڪو ڊرائينگ رومي ليکڪ، اديب ۽ دانشور نه هو. هن کي دانشور سڏائڻ يا ڪنهن طرفان کيس دانشور چوڻ به ڏکيو لڳندو هو، ان باوجود به ته کيس ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني هئي.
عاصم آخوند مارڪسزم لينزم جو دفاع ڪرڻ ان جو پرچار ڪرڻ ان کي عام هارين پورهيتن نوجوانن تائين پهچائڻ کي پنهنجي زندگي جو مقصد بنائي ڇڏيو هو،کيس اهو يقين هو ته مارڪسزم ئي انسانذات جي نجات جو فڪر آھي جيڪو مظلوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي آزادي انهن جي نجات جو سبب بڻبو .عاصم جو محبوب مشغلو ڪم جنون فڪري بحث فڪري ڪچهريون ڪرڻ اسٽيڊي سرڪلز منعقد ڪرڻ ھوندو هو. ان سان گڏوگڏ تمام گهڻو مطالعو ڪرڻ ھو. هن ڪارل مارڪس جا سڀ واليوم لينن جا چوئتاليهه ئي واليوم انٽر جي تعليم دوران پڙھي مڪمل ڪري انهن جا نوٽس به تيار ڪري ڇڏيا هئا.
ڪامريڊ عاصم آخوند 2سيپٽمبر 2008 تي هميشا لاءِ اسان کي ڇڏي هليو ويو سندس وڇوڙي کي اک ڇنڀ ۾ پندرنهن 15 سال ٿي ويا، هو ڪڏھن به نه وسرندو ڇو ته هي اسان جي ذاتي نقصان سان گڏ علم ادب ۽ فلسفي جو به نقصان هو. عاصم آخوند سوويت يونين جي ڊھي پوڻ کان پوءِ انهي سموري فڪري شڪست خوردگي سان وڙھي رهيو هو، جيڪا ان وقت سياست سان گڏ ادب توڙي زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل هئي. ماڻھن هن مروج سموري ظلم استحصال جبر توڙي ظلم جي انتهائن واري هن سموري نظام سان ڪمپرو مائيز ڪيو پئي، مفاهمت ڪئي پئي، مفاهمت ان سطح تي هلي وئي هئي جو مزاحمت تي ڪير سوچي به نه پيو. هن وقت به اهڙي قسم جي صورتحال آھي پر هڪ فرق آھي نظرياتي فڪري دوستن جو هڪ تمام وڏو حلقو سموري انهي شڪست واري فڪر عمل ۽ ادب سان مزاحمت ڪري رهيو آھي ويڙھ ڪري رهيو آھي
ڪامريڊ عاصم آخوند سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي ڊھي پوڻ کي هڪ اهم لقاءَ طور ڏسي رهيو هو، پر هو اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ته هاڻ طبقاتي جدوجهد ختم ٿي وئي مظلومن ۽ محڪومن جي جدوجهد ختم ٿي وئي، ڇو ته انهي جي خاتمي جو مطلب انسان پنهنجي سڀني حقن واري مطالبي تان هٿ کڻي ويهي رهي پوءِ ھنن حاڪمن سرمائيدارن جاگيردارن وڏيرن انهن جي ڪمدارن کي جيڪي وڻي اهي ڪلور پيا ڪن جئين هن وقت ڪري به رهيا آھن .
سنڌ ۾ هن وقت جيڪا عوامي مايوسي ۽ حڪمران طبقن طرفان ڀينگ ڪرڻ واري سڌي حڪمت عملي هلي رهي آھي اهڙي اڳي ڪڏھن به نه هئي سنڌ جي عوامي مزاحمت پئي هلندي هئي، ائين ناهي ته هن وقت به مزاحمت ڪانه پئي ٿئي يا سگهاري ڪانه ٿيندي، پر هن وقت اها ڪمزور ضرور آھي اها پاڻ کي سگهارو ڪرڻ ۾ مصروف آھي پنهنجي ويڙھ ۽ مزاحمت جي روايتن کي سنڀالي رهي آھي.
ڪامريڊ عاصم آخوند به انهي مزاحمتي روايت جو تسلسل هو، جنهن ۾ سنڌ جي تمام وڏن عظيم احترام لائق نالن جي فهرست اچي ٿي. هو نئين مزاحمتي جمهوري سيڪيولر ترقي پسند آزاد خوشحال سنڌ جي خواب ڏسندڙن جو تسلسل هو . افسوس کيس زندگي ايتري مهلت نه ڏني جو هو ڪجهه وڌيڪ ڪري سگهي ها. ها هن پنهنجي مختصر زندگي ۾ فڪري ڪم ڪيو اسٽيڊي سرڪلز جو وري بنياد وڌو ، فڪري پروگرام ڪرايا، فڪري ڪچهريون ڪرايون، آدرش جهڙي ترقي پسند مارڪسي ميگزين جو بنياد وڌو، نوجوان دوستن جي هڪ وڏي حلقي کي سياسي فلسفي کان واقف ڪيو، هن سمجهيو پئي ته فلسفي کان سواءِ ڪم اڳتي نه هلندو هن سياست ۾ فلسفي کي وڏي پئماني تي متعارف ڪرايو جيڪا روايت هاڻ وڏي پئماني تي سنڌ ۾ ڦھلجي عام ٿي چڪي آھي. اهو هڪ نئون ٽرينڊ ۽ پيش قدمي هئي ڇو ته سياست تي انقلابي سياست تي خاص طرح وڏا سوال اٿي چڪا هئا، جيڪي هن وقت به آھن انهن جا جواب فلسفي وٽ ھئا يا فلسفو انهن جا جواب ڏئي پئي سگهيو. ائين هڪ نئين فڪري تحريڪ جو آغاز ٿيو، هن وقت هڪ وڏي کيپ انهن سياسي ڪارڪنن جي تيار ٿي رهي آھي جيڪي فلسفي کان متاثر آھن. انسان ذات جي جديد تاريخ ۾ اهو ٿيو آھي ته جڏھن به انقلابي قوتن شڪست کاڌي آھي ته انهن تي مايوس ٿيڻ بجاءِ انهن شڪستن تي غور ويچار ڪيو آھي. فلسفي اقتصاديات سماجي سائنس مان انهن سوالن جا جواب تلاش ڪيا آھن جيڪي روايتي طريقي حل ڪرڻ ممڪن نه هئا.
1991۾ سوويت يونين جو ڊھي پوڻ تمام وڏو واقعو هيو، هزارين ماڻھو جيڪي انقلاب جي اتساهه ۾ هلي رهيا هئا، اهي ڊھي پيا، مايوس ٿيا. مايوسين وارا ڪالم لکڻ لڳا، وڏا ڏسڻا وائسڻا ماڻھو مايوسين جا تاريخ جي خاتمي جا پرچارڪرڻ لڳا، پر ڪامريڊ عاصم آخوند جهڙن ڪارڪنن ٻيو رستو ورتو، هنن فلسفي ۽ ٻين علمن وسيلي سماج جي تضادن انقلاب ۽ مزاحمتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخري دم تائين ڪئي وري نيون روايتون وڌيون.
1991۾ سوويت يونين جو ڊھي پوڻ تمام وڏو واقعو هيو، هزارين ماڻھو جيڪي انقلاب جي اتساهه ۾ هلي رهيا هئا، اهي ڊھي پيا، مايوس ٿيا. مايوسين وارا ڪالم لکڻ لڳا، وڏا ڏسڻا وائسڻا ماڻھو مايوسين جا تاريخ جي خاتمي جا پرچارڪرڻ لڳا، پر ڪامريڊ عاصم آخوند جهڙن ڪارڪنن ٻيو رستو ورتو، هنن فلسفي ۽ ٻين علمن وسيلي سماج جي تضادن انقلاب ۽ مزاحمتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخري دم تائين ڪئي وري نيون روايتون وڌيون.