پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي)پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ محمد تڳيل موهل ۾ موهل برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار ٻيهر تيز ٿي ويو. هٿيار بندن عورتن سميت موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ويندڙ نوجوان سڄڻ مهيسر روڊ تي لاهي کي رابيل پٽ علي ڏنو موهل کي عورتن ۽ٻارڙن سامهون گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته هٿياربندن ٻيهر مقتول نوجوان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب سندس سئوٽ نوجوان ناري صاحب خاتون ڌيءَ محب علي موهل موقعي تي قتل ٿي وئي، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نينگر محمد علي موهل، اشفاق موهل ۽ عورت پروين خاتون سخت زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ محب علي موهل ٻڌايو ته برادري جي ھٿياربندن طارق موهل، ستار، وارث موهل ۽ٻين حملو ڪيو اهي، جتوئي پوليس جي نااهليءَ سبب نوجوان ڀائٽيو۽ نياڻي قتل ٿي آهي، معصوم پٽ سميت ٽن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڌريون مورچا بند آهن. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته موهل برادريءَ ٻن ڌرين ۾ ٽن سالن کان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي.