خانپورمهر (رپورٽ: ميهر مهر)خانپورمهر ويجهو واهي گهوٽو واري علائقي ۾ هٿياربندن پاران ڳوٺ لنڊي ٽوڙي واسي شهباز پنهيار کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، اطلاع تي ڳوٺاڻن پاران پيڇو ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو صابر پنهيار قتل ٿي ويو، ه وارثن جو چوڻ آهي واهي گهوٽو واري علائقي ۾ هٿياربندن شهباز پنهيار کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي اطلاع تي ڦورن جو پيڇو ڪيو سين ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ صابر پنهيار قتل ٿي ويو آهي، پوليس موجب پوليس هٿياربندن پٺيان ويل آهي جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.